Shan e Mustafa

Book Name:Shan e Mustafa

ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن جي پرن جو آواز ٻڌي وٺندا هئا ۽ جڏهن اهي اتان کان حضوراڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڏانهن وحي جي لاءِ لهڻ لڳندا ها ته پاڻ ان جي خوشبو سُونگھي وٺندا هئا۔ آسمان جي دروازن جي کُلڻ جو آواز به پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌي وٺندا هئا۔ ٭ شانِ مصطفيٰ جي عظمت جي ڇا ڳالھ ڪجي جو پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اهڙا بشر هئا جو جن جو پاڇو نه هو ڇاڪاڻ ته پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نور ئي نور هئا ۽ نور جو پاڇو ناهي ٿيندو۔ (الخصائص الکبریٰ،باب:الایۃ فی انہ صلی اللّٰہ علیہ وسلم لم یکن یری لہ ظل، ج۱، ص۱۱۶) شانِ مصطفيٰ جي عظمت جي ڇا ڳالھ ڪجي جو الله پاڪ پنهنجي شريعت جو پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي مختارِ ڪل بڻايو آهي، پاڻ جنهن لاءِ جيڪو چاهين حلال ڪن ۽ جنهن جي لاءِ جيڪو چاهين حرام ڪن۔

کل امامتِ کل سِیادَتِ کل اِمارتِ کل

حکومتِ کل وِلایتِ کل خدا کے یہاں     تمہارے لئے

مختصر وضاحت: يارسول الله! الله پاڪ وٽ اوهان کي اهو رتبو مليو آهي جو اوهان ئي سڀني جا اصل، اوهان ئي سڀني جا امام، اوهان ئي سڀني جا سردار، اوهان ئي انبياء جا سردار، اوهان وٽ ئي تمام حڪومت ۽ اوهان کي ئي سڀن جي ولايت حاصل آهي۔

حڪيم جي آمد مرحبا   عظيم جي آمد مرحبا

چڱي جي آمد مرحبا     پياري جي آمد مرحبا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!          صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم صداءِ مدينه

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اِخلاص ۽ اِستِقامت سان نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۽ عشق رسول حاصل ڪرڻ ۽ ٻين کي ان جا جام پيئارڻ جي لاءِ ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصَّو وٺو۔ انهن 12 مَدَني ڪمن مان هڪ