Book Name:Shan e Mustafa
پهچي وڃن۔ اهو آهي شانِ مصطفيٰ جو رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ صحابي رسول کي ڪاٺي عطا ڪن ته اها تلوار جيان ڪافرن جون سسيون ڌار ڪري ڇڏي۔ اهو آهي شانِ مصطفيٰ جو پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪنهن جي لاءِ سون (Gold) حلال ڪن ۽ ڪنهن هڪ جي شاهدي ٻن شاهدن جي برابر قرار ڏئي ڇڏين۔ يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اوهان جو شان ته اهو آهي جو سڀ اوهان جا حاجت مند آهن ڪو به اوهان کان بي نياز نٿو ٿي سگھي۔
سيدي اعليٰ حضرت اِمام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا
وہ جہنم میں گیا جو اُن سے مستغنی ہوا ہے خلیل اللہ کو حاجت رسول اللہ کی [1]
شعر جي مختصر وضاحت: منهنجي آقا جو شان اهو آهي ته ڪو به ان کان بي نياز نٿو ٿي سگھي جيڪو بي نياز ٿيندو اهو پنهنجو ٺڪاڻو جهنم بڻائيندو ڇوته سندن جي حاجت ته انبياء ڪرام کي پڻ آهي ۽ الله جا پيارا خليل حضرت ابراهيم به سندن محتاج آهن۔
عزت ۽ ڪرامت جا سڀ کان وڌيڪ سبب
امام فخر الدين رازي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: غزوه بدر وغيره ۾ الله تعالٰي جي طرف کان ملائڪن جو لشڪر نازل ڪرڻ تاجدارِ عرب محبوبِ ربِّ اڪبرصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تعظيم جي لاءِ هو، نه ته ڪافرن کي تباھ و برباد ڪرڻ جي لاءِ هڪ ملائڪ جو پنهنجي پر کي هِلائڻ ئي ڪافي هو۔
(تفسیرکبیر، یس، تحت الآیۃ: ۲۸، ۹ / ۲۶۹)
امام قرطبي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ڪافرن کي هلاڪ ڪرڻ جي لاءِ صرف هڪ ملائڪ ئي ڪافي آهي، جيئن حضرت لُوط عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي قوم جا شهر حضرت جبريل عَلَيه السَّلَام جي پرن مان هڪ پر سان تباھ و برباد ڪيا ويا هئا ۽ حضرت صالح