Book Name:Shan e Mustafa
22 سورةُ الاحزاب آيت نمبر 36 ۾ اِرشاد آهي:
وَ مَا كَانَ لِمُؤْمِنٍ وَّ لَا مُؤْمِنَةٍ اِذَا قَضَى اللّٰهُ وَ رَسُوْلُهٗۤ اَمْرًا اَنْ یَّكُوْنَ لَهُمُ الْخِیَرَةُ مِنْ اَمْرِهِمْؕ-وَ مَنْ یَّعْصِ اللّٰهَ وَ رَسُوْلَهٗ فَقَدْ ضَلَّ ضَلٰلًا مُّبِیْنًاؕ(۳۶)
ترجمو ڪنزالايمان: ۽ ڪنهن به مسلمان مرد ۽ مسلمان عورت کي حق نه ٿو پهچي جو جڏهن الله ۽ رسول ڪجهه حڪم فرمائن پوءِ به انهن کي پنهنجي معاملي جو ڪو اختيار رهي ۽ جيڪو حڪم نه مڃي الله ۽ ان جي رسول جو بيشڪ اهو ڀٽڪي ويو کليل ڀٽڪڻ.
تفسير صِراطُ الجنان جلد 8 ۾ آهي: هن آيت مان اهو به معلوم ٿيو ته حضور پُرنور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ الله پاڪ جي عطا سان شرعي اَحڪام ۾ خود مختار آهن۔ پاڻ جنهن کي جيڪو چاهين حڪم ڏئي سگھن ٿا، جنهن جي لاءِ جيڪا شيء چاهين جائز يا ناجائز ڪري سگھن ٿا ۽ جنهن کي جنهن حڪم مان چاهين جدا ڪري سگھن ٿا۔ (تفسیر صراط الجنان، پ۲۲،الاحزاب، تحت الآیۃ:۳۶، ۸/۳۵) حضرتِ سَيدُنا داؤد عَلٰى نَبِينا وَعَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام تي نازل ٿيندڙ مُقَدَّس ڪتاب ”زَبور شريف“ ۾ آهي: اَحمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سڄي زمين ۽ تمام اُمتن جي گردنن جو مالڪ ٿيو۔ (فتاویٰ رضویہ،۳۰/۴۴۵)
اللّٰہ اللّٰہ! شَہِ کونین جَلالت تیری
فرش کیا عرش پہ جاری ہے حکومت تیری[1]
آقا جي آمد مرحبا داتا جي آمد مرحبا
موليٰ جي آمد مرحبا اَوليٰ جي آمد مرحبا
اعليٰ جي آمد مرحبا والا جي آمد مرحبا
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد