Book Name:Shan e Mustafa
جنَّت ۽ دوزخ جون چاٻيون هٿ مُبارڪ ۾ ڏنيون ويون
مفتي امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جيڪو سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پنهنجو مالڪ نه ڄاڻي سنت جي مٺاس کان محروم رهي، تمام زمين ان جي مِلڪ آهي، تمام جنت ان جي جاگير آهي، مَلَکُوْتُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْض (يعني آسمان ۽ زمين جون سڀئي سلطنتون) حضوراڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن جي فرمان هيٺان(يعني حڪم مڃيندڙ آهن)، جنت ۽ دوزخ جون ڪنجيون دستِ اقدس (يعني هٿ مبارڪ) ۾ ڏنيون ويون، رزق و خير ۽ هر قسم جون عطائون، حضوراڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ئي درٻار مان عطا ٿينديون آهن، دنيا ۽ آخرت حضوراڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عطا جو هڪ حصو آهي۔ (بہارِ شریعت، ۱/۸۱-۸۳،حصہ:۱) رَسُولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي رَب جي عطا سان جنت جا مالڪ آهن، جنَّت عطا ڪندڙ آهن، جنهن کي چاهين عطا ڪن۔ (فتاویٰ رضویہ ،۱۴/ ۶۶۷) بخاري شريف جي حديث نمبر 71 ۾ فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي: اِنَّمَا اَنَا قَاسِمٌ وَّالله يعْطِي يعني الله تعاليٰ عَطا ڪري ٿو ۽ مان تقسيم ڪيان ٿو۔ (بخاری،کتاب العلم،باب من یرد اللہ به خیرا یفقه فی الدین،۱/۴۲، حدیث:۷۱)
رَبّ ہے مُعطی یہ ہیں قاسِم رِزق اُس کا ہے کھلاتے یہ ہیں
اُس کی بخشش اِن کا صَدقہ دیتا وہ ہے دِلاتے یہ ہیں[1]
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
جنهن پاسي اشارو ڪندا هئا چنڊ ان پاسي جهڪي ويندو هو
الله پاڪ جي عطا سان مالڪ و مختار نبي، الله جي ڪرم سان غيبن تي خبردار نبي(يعني غيب کي ڄاڻڻ وارا) صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سج کي حڪم ڏنو ته ڪجھ دير بيهي رهو، اهو يڪدم بيهي رهيو۔ (معجم اوسط،باب العین، من اسمه علی،۳/۱۱۶،حدیث:۴۰۳) عاشقن جي امام، اعليٰ حضرت، امامِ اهلِ سنَّت مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه