Book Name:Shan e Mustafa
ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس * ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس * صَـلُّـوا عَلَی الحَبِيـب! اُذکُرُ الله , تُوبُوا اِلَـی الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس * بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي اڄ جي بيان جو موضوع آهي ”شانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ“ جنهن ۾ اسان ٻڌنداسين ته وڻن جو حضور سان گڏ هلڻ ۽ وڻ الله پاڪ جي آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان گڏ ڪيئن هلندا هئا؟ شانِ مصطفيٰ، عزت ۽ ڪرامت جا سڀ کان وڌيڪ ڪهڙا سبب آهن؟، جنت و دوزخ جي چاٻين جو مالڪ ڪير آهي؟، شفاعت ماڻڻ جو بهترين ذريعو ڪهڙو آهي؟ ۽ ان کان علاوه عشقِ رسول سان مالا مال ڪيئي اهم مفيد ڳالهيون ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين۔ اِنْ شَآءَ الله
وہ خَتْمُ لا نبیاء تشریف فرماہونے والے ہیں نبی ہر ایک پہلے سے سناتا یہ خبر آیا
رَبیع ِ پاک تجھ پر اہلِ سنت کیوں نہ قرباں ہوں کہ تیری بارہویں تاریخ وہ جانِ قمر آیا
چلو اے مُفلسو جو آج مانگو گے وہ پاؤ گے کہ صدقہ بانٹتا اَرض و سَما کا تاجور آیا [1]
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
وڻن جو حضوراڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان گڏ هلڻ
حضرت جابر بن عبدالله رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي ته اسان رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان گڏ هلياسين، ايستائين جو هڪ وسيع وادي ۾ پهتاسين۔ رسول الله