Book Name:Shan e Mustafa
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ قضاءِ حاجت جي لاءِ تشريف وٺي ويا، مان پاڻي جو ٿانءُ کڻي سندن پويان ويس، پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هيڏانهن هوڏانهن نگاھ اقدس کنئي پر ستر ۽ پردي جي لاءِ ڪا شيء نظر نه آئي۔ اوچتو وادي جي ڪناري تي ٻه وڻ نظر آيا۔ رحمت عالم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اُنهن مان هڪ وٽ تشريف وٺي ويا، ان جي ٽارين مان هڪ ٽاريءَ کي پڪڙي فرمايائون: ”الله پاڪ جي حڪم سان مون سان گڏ منهنجي اطاعت ۾ هل“ اهو وڻ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان گڏ مٿو جھڪائي اهڙي طرح هليو جيئن ناڪيلي پاتل اٺ پنهنجي مالڪ سان گڏ ڪنڌ جھڪائي هلندو آهي، ايستائين جو پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻي وڻ وٽ تشريف وٺي ويا ۽ ان جي ٽاري پڪڙي فرمايائون: ”الله پاڪ جي حڪم سان منهنجي پيروي ڪر ۽ منهنجي پويان هل“ اهو وڻ به پهرئين وڻ جيان پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پويان هلڻ لڳو ايستائين جو ٻئي ويجھو ٿي ويا ۽ پاڻ ڪريمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن جي وچ ۾ بيهي رهيا ۽ حڪم ڏنائون، الله پاڪ جي حڪم سان مون لاءِ گڏجي اوٽ ٺاهيو، اهي ٻئي وڻ گڏجي ويا۔
حضرت جابر رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: مان ڊوڙندي اتان نڪتس ته جيئن ڪٿي رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ منهنجي ويجھو هئڻ جو احساس ڪندي اڃان پري وڃڻ جي تڪليف نه ڪن۔ مان پري وڃي ويهي رهيس ۽ ڪنهن خيال ۾ گم ٿي ويس۔ اوچتو ڏٺم ته محبوب ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اچي رهيا آهن ۽ اهي ٻئي وڻ جدا ٿي پنهنجي هنڌ هليا ويا۔ (الوفا، ابن جوزی، مترجم، ص۳۴۴، لاہور)
اپنے مولیٰ کی ہے بس شان عظیم جانور بھی کریں جن کی تعظیم
سنگ کرتے ہیں ادب سے تسلیم پیڑ سجدے میں گِرا کرتے ہیں[1]