Book Name:Shan e Mustafa
حسن ۽ حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهما) جو صدقو اسان تي پنهنجي رحمت جي ڇانو ڪريو۔
دُرُودِ پاڪ پڙھڻ واري جي لاءِ شَفاعت
حديثِ پاڪ ۾ آهي: جنهن اهو چيو:”اَللّٰھُمَّ صَلِّ عَلٰي مُحَمَّدٍ وَّاَنْزِلْه الْمَقْعَدَ الْمُقَرَّبَ عِنْدَک يَوْمَ الْقِيامَۃِ ‘‘[1] اُن جي لاءِ منهنجي شَفاعت واجب ٿي وئي۔ (معجم کبیر،رویفع بن ثابت الانصاری،۵/۲۵، حدیث:۴۴۸۰) اسان گنهگارن جي شَفاعت ڪرڻ واري، پنهنجي رَبّ کان اسان کي بخشائڻ واري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اِرشاد فرمايو: جنهن مون تي 10 ڀيرا صُبح ۽ 10 ڀيرا شام دُرُودِ پاڪ پڙھيو ان کي قيامت جي ڏينهن منهنجي شَفاعت ملندي۔
(مجمع الزوائد،کتاب الاذکار، باب مایقول اذا اصبح و اذا امسی،۱۰/۱۶۳، حدیث:۱۷۰۲۲)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
شَفاعت ماڻڻ جو هڪ بهترين ذَريعو
اي عاشقانِ رَسُول! الله پاڪ جي آخري نبي، مڪي مَدَنيصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شَفاعت ماڻڻ جو هڪ بهترين ذَريعو دُرُود پاڪ جي ڪثرت به آهي، يعني تمام گهڻو دُرُودِ پاڪ پڙھڻ به شَفاعت جو بهترين ذَريعو آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه نيڪ بڻجڻ جو طريقو بنام ”نيڪ اعمال“ جي رسالي ۾ به روزانو گھٽ ۾ گھٽ 313 ڀيرا دُرُود پاڪ پڙھڻ جي ترغيب موجود آهي، ڪيترو نه ڀلو ٿئي جو اسان جنهن ٻارهين واري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو جَشنِ وِلادت ملهائي رهيا آهيون، اُن تي روزانو گھٽ ۾ گھٽ 313 ڀيرا دُرُود پاڪ پڙهڻ جي عادت بڻايون۔ اچو! شَفاعت جي خيرات گھرندي اسان پنهنجي ٻارهين واري آقا و موليٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي اهو دُرُودِ شفاعت پڙھون ٿا، الله پاڪ اسان کي پنهنجي حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شَفاعت
[1] اے اللہ!حضرت محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پر رَحمت نازِل فرما اور انہیں قیامت کے روز اپنی بارگاہ میں مُقَرَّب مَقام عطا فرما۔