Book Name:Shan e Mustafa
شعر جي مختصر وضاحت: الله پاڪ جي آخري نبي، محمدِ عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو شان ته ڏسو جو جانور به پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تعظيم ڪن ٿا، پٿر نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو اِحترام ڪندي دُرود و سلام پڙھن ٿا ۽ وڻ سندن جي بارگاھ ۾ حاضر ٿي سجدو ڪن ٿا۔
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي آقا، اسان جي مولا، اسان جي رهبر، شفيعِ محشر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مقام ۽ رُتبو سڀني نبين کان افضل ۽ سڀ کان اعليٰ آهي، رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شان ۽ عظمت جي ڇا ڳالھ ڪجي! پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو شان اهو آهي جو سندن ذات تڏهن کان آهي جڏهن زمين ۽ آسمان به نه هئا ۽ اهو جهان به نه هو۔ خود فرمائن ٿا: "سڀ کان پهريان الله پاڪ منهنجو نور پيدا فرمايو ۽ منهنجي ئي نور مان هر شيء پيدا فرمائي.“
منهنجي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو شان اهو آهي جو حضرتِ جبرئيل کان پڇن ٿا: تنهنجي عمر ڪيتري آهي، عرض ڪن ٿا: چوٿين حجابِ عظمت ۾ ستر (70) هزار سالن کان پوءِ هڪ تارو اڀرندو آهي، مون ان تاري کي ٻاهتر هزار ڀيرا ڏٺو آهي، ارشاد فرمائن ٿا: اي جبرائيل اهو تارو مان ئي آهيان. اهو آهي شانِ مصطفيٰ جو الله پاڪ فرمائي ٿو: اوهان نه هجو ها ته مان دنيا پيدا نه ڪيان ها۔ اهو آهي شانِ مصطفيٰ جو سمورن چڱن کان چڱي نبي، سمورن سچن کان سچي نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نالي کي حضرتِ آدم عليه السلام پنهنجي لاءِ وسيلو بڻائن۔ اهو آهي شانِ مصطفيٰ جو پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اڱر مبارڪ جي اِشاري سان چنڊ جا ٻه ٽڪرا ڪري ڇڏين۔ اهو آهي شانِ مصطفيٰ جو پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪاٺي کي روشن ڪري ڇڏين ۽ صحابه ڪرام ان جي روشني ۾ گھر