Book Name:Shan e Mustafa
اي عاشقانِ رسول! سيدِ عالم، نورِمجسم تمام جهانن جي لاءِ رحمت بڻائي موڪليا ويا۔ هن رحمت جو عالم اهو هو جو الله پاڪ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي لعابِ دهن (يعني ٿُڪ مبارڪ ۾) اها برڪت رکي، جيڪا زخمين ۽ بيمارن جي لاءِ شفاء ۽ زهر جو اثر دُور ڪرڻ واري هئي۔ جيئن
روايت ۾ آهي ته هجرت جي رات حضور رحمتِ عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي گھر مبارڪ مان نڪتا ۽ حضرت سَيدُنا ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه به گڏ هئا، جڏهن پاڻ ڪريم غارِ حرا ۾ پهتا ته حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه پهريان پاڻ غار ۾ داخل ٿيا ۽ چڱي طرح غار جي صفائي ڪئي ۽ پنهنجي ڪپڙن کي ڦاڙي غار جي سمورن سوراخن کي بند ڪيو، پوءِ حضورِ اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ غار جي اندر تشريف وٺي ويا ۽ حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جي هنج ۾ پنهنجو مٿو مبارڪ رکي سمهي پيا۔ حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه هڪ سوراخ کي پنهنجي کڙي سان بند ڪري رکيو هو، سوراخ جي اندران هڪ نانگ هر هر يارِ غار جي پير ۾ پئي ڏنگيو، پر جان نثار ان خيال سان پير نه هٽايو ته رحمتِ عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي آرام ۾ خلل نه پئجي وڃي۔ پر درد جي شدت سبب يارِ غار جي لڙڪن جا ڪجھ ڦڙا سرورِڪائنات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڳل مبارڪ تي اچي پيا۔ جنهن سان رحمتِ عالم جاڳي پيا ۽ پنهنجي يارِ غار کي روئندو ڏسي بيقرار ٿي ويا۔ پڇيائون ابوبڪر ڇا ٿيو؟ عرض ڪيائين يا رسول الله! مون کي نانگ ڏنگي ورتو آهي اهو ٻڌي حضوراڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ زخم تي پنهنجو لعاب دهن لڳايو، جنهن سبب يڪدم ئي سڄو سور هليو ويو ۽ زخم به ٺيڪ ٿي ويو۔ (تفسیر روح البيان، پ۱۰،التوبہ، تحت الآية:۴۰،۳/۴۵۳)
صدیق بلکہ غار میں جاں اس پہ دے چکے اور حفظ جاں توجان فروض غررکی ہے