Book Name:Shan e Mustafa
لاءِ جيڪو چاهين حرام ڪن ۽ جنهن جي لاءِ جيڪو چاهين حلال ڪري ڇڏين ۽ جيڪو فرض چاهين مُعاف ڪري ڇڏين۔ (بہارِ شریعت، ۱/۸۴،حصہ:۱)
علّامه زَرقاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: الله پاڪ دُنيا و آخرت جي تمام زمينن جو حضور پُرنور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي مالِڪ ڪري ڇڏيو آهي، حضورِ اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جنَّت جي زمين مان جيتري چاهين جنهن کي چاهين جاگير بخشي ڇڏين ته دُنيا جي زمين جي ڪهڙي اوقات! (شرح زرقانی علی المواھب اللدنیة،الفصل السادس فی امرائه و رسله...الخ،۵/۴۹)
مالڪ الاحڪام هئڻ بابت ٻه روايتون
رَحمتِ عالَم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اِختيارات بابت ٻه حديثون پيش ڪيان ٿو: (1) صحيح مسلم شريف جي حديث ۾ آهي: الله پاڪ جي پياري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خطبو پڙهي فرمايو: اي انسانو! الله پاڪ توهان تي حج فرض ڪيو آهي، تنهنڪري حج ڪريو، ته هڪ شخص عرض ڪيو: يا رسول الله! ڇا هر سال حج ڪرڻ فرض آهي؟ حضوراڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خاموش رهيا، 3 ڀيرا ان اهو ئي سوال ڪيو، ارشاد فرمايائون: جيڪڏهن مان ”ها“ چئي ڇڏيان ها ته توهان تي واجب ٿي وڃي ها ۽ توهان نه ڪري سگھو ها۔ (يعني مان ها چوان ها ته توهان تي هر سال حج فرض ٿي وڃي ها ۽ توهان ادا نه ڪري سگھو ها) (مسلم،کتاب الحج، باب فرض الحج مرة فی العمر،ص ۵۳۶، حدیث:۳۲۵۷) (2) بخاري ۽ مسلم جي حديث ۾ آهي ته حضوراڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جيڪڏهن مان پنهنجي اُمَّت تي بوجھ نه ڄاڻان ها ته انهن کي هر نماز سان گڏ يا هر نماز جي وقت مِسواڪ جو حڪم ڏيان ها۔ .
(ترمذی،ابواب الطھارة،باب ما جاء فی السواک،۱/۱۰۰، حدیث:۲۳)
کنجی تمہیں دی اپنے خزانوں کی خدا نے محبوب کیا مالک و مختار بنایا
اللہ کی رَحمت ہے کہ ایسے کی یہ قسمت عاصی کا تمہیں حامی و غمخوار بنایا[1]