Book Name:Be Misal Auratain

 

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ  يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي. (المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942)

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

* نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس * ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس * ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس * ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس * صَـلُّـوا عَلَی الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـی الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس * بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! تاريخِ اسلام ۾ بي مثال عورتن جو تذڪرو ملي ٿو، انهن ۾ صحابيات پڻ گذريون آهن ۽ انهن کان فيض وٺندڙ ڪيئي صالحات (نيڪ عورتون) به گذريون آهن۔ انهن بي مثال عورتن جو ڪردار پڻ بي مثال رهيو آهي، اڄ جي بيان ۾ اسان انهن بي مثال عورتن جي سيرت ۽ ڪردار جا مختلف پهلو ۽ واقعا ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين۔ هن ضمن ۾ حلال ڪمائڻ، کارائڻ ۽ حرام کان بچڻ جون فضيلتون ٻڌنداسين۔ اهو به ٻڌنداسين ته دين تي عمل جا ڪهڙا فائدا آهن ۽ اصل ڪاميابي ڇا آهي، بيان جي آخر ۾ حضرت امام حسن مجتبيٰ رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه جي خاندانِ عالي جي نهايت ئي نيڪ، عبادت گذار، عظيم وَلِياڻي حضرت نفيسه جو ذڪرِ خير به ڪيو ويندو، اِنْ شَآءَ الله۔