Book Name:Be Misal Auratain

کي پهرين نمبر تي رکنديون هيون۔ هن مان اسان کي سوچڻ گھرجي ته اسان به پنهنجي تمام ڪمن ۾ دين کي پهريان ڏسون، * هر اهو ڪم جيڪو اسان ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، اسان کي گھرجي ته سوچيون ته هن ۾ اسان جو دين ڇا چوي ٿو؟ * پنهنجي جيڪا وک اسان وڌائڻ چاهيون ٿا، * اسان جيڪو ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، * اسان جنهن سان ملڻ چاهيون ٿا، * جنهن سان گڏ اٿڻ چاهيون ٿا، * جتي وڃڻ چاهيون ٿا، * جنهن سان گڏ ويهڻ چاهيون ٿا، * جيڪو پڙھڻ چاهيون ٿا، * جيڪو پڙھائڻ چاهيون ٿا، * جتي پڙهڻ چاهيون ٿا، * جيڪو کائڻ چاهيون ٿا، * جيڪو پائڻ چاهيون ٿا، * جيڪو چوڻ چاهيون ٿا،  * جيڪو ٻڌڻ چاهيون ٿا، مطلب ته! ڪو به ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان کي پنهنجي دين کي پهريان ڏسڻ گھرجي ته اسان جو دين هن باري ۾ ڇا چوي ٿو؟ * اسان جو مذهب هن باري ۾ ڪهڙي رهنمائي فرمائي ٿو؟ * اسان جو پاڪ پَروَردگار هن باري ۾ ڪهڙو حڪم فرمائي ٿو؟ * اسان جا پيارا آقا، مديني وارا مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هن باري ۾ ڇا ارشاد فرمائن ٿا؟

دين تي عمل جي جزاء ڇا آهي؟

ياد رکو! جيڪڏهن اها ئي سوچ بڻجي وئي، ۽ اسان هر ڪم ڪرڻ کان پهريان اهو ئي سوچڻ شروع ڪري ڇڏيو ته اسان جو دين ڇا چوي ٿو ۽ ان جي مطابق اسان عمل شروع ڪري ڇڏيو، ته اسان جو اهو عمل نه صرف دنيا ۾ اسان کي ڪامياب ڪندو، بلڪ اسان جو اهو عمل اسان کي قبر ۾ پڻ رسوا ٿيڻ کان بچائيندو ۽ اسان کي قيامت جي ڏينهن به رسوا ٿيڻ کان بچائيندو۔ انهيء ڳالھ کي سيپاري 30 سورة البينة آيت نمبر 7 ۽ 8 ۾ هن طرح بيان ڪيو ويو آهي:

اِنَّ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِۙ-اُولٰٓىٕكَ هُمْ خَیْرُ الْبَرِیَّةِؕ(۷) جَزَآؤُهُمْ عِنْدَ رَبِّهِمْ جَنّٰتُ عَدْنٍ تَجْرِیْ مِنْ تَحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِیْنَ فِیْهَاۤ

ترجمو ڪنز الايمان: بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيائون هي ئي سموري مخلوق ۾ بهتر آهن. انهن جو انعام سندن رب وٽ ٽڪڻ جا باغ آهن جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون.