Book Name:Be Misal Auratain

بڻجندي ئي سندن گھرواريء جي دولت ۽ مال ۾ اضافو ٿيڻ گھرجي ها ڇوته هاڻي وڏو عهدو هو ته آمدني به وڌڻ گھرجي ها، پاڻ خليفو انهن کي تحفا ڏئي ها، ٻيا ماڻهو پڻ نذرانو پيش ڪن ها، اها پاڻ به پنهنجي مڙس کان ڪنهن مهانگي شيء جي فرمائش ڪري سگھيون پئي، ڇوته اسان پنهنجي آسپاس ڏسون ٿا ته ڪنهن جي مڙس کي معمولي ترقي ملي وڃي يا ڪو عهدو ملي وڃي ته زال اهو ٻڌندي ئي فرمائشن جا انبار لڳائي ڇڏيندي آهي، ان کي پرواه تائين ناهي هوندي ته مڙس ناجائز ذريعن کان ان جي فرمائش پوري ڪري ٿو يا پنهنجي حلال پگھار مان ان مطالبي جو انتظام ڪري ٿو، ان کي ته بس پنهنجي قيمتي لباس ۽ زيورن سان ڪم هوندو آهي، ۽ هن طرح جون عورتون اهو چوندي نظر اينديون آهن، هاڻي اوهان آفيسر بڻجي ويا آهيو، مون وٽ ته ڍنگ جا زيور نه آهن، ڍنگ جا ڪپڙا نه آهن، ماڻهو ڇا چوندا ته آفيسر جي زال فقيراڻيءَ جيان گھمندي وتي ٿئي؟ مون کي سٺا سٺا ڪپڙا ۽ زيور آڻي ڏي ته جيئن مان پنهنجي مقام ۽ مرتبي (اسٽيٽس) جي مطابق زندگي گذاريان۔ حضرت عمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي گھرواريء به پنهنجي مڙس کان اهي مطالبا ڪري سگھيون ٿي، ڇوته ان جو مڙس اوڀر کان اولھ جي هڪ وڏي علائقي جا خليفه بڻجي ويا هئا، پر قربان وڃجي انهن جي اطاعت واري جذبي تي جو فرمائشون ته رهيون هڪ پاسي پنهنجي مڙس جي چوڻ تي خوشي خوشي پنهنجا سمورا زيور بيت المال ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا۔

          ۽ وري سعادت مندي ۽ مڙس جي اطاعت جو انداز ڏسو ته حضرت عمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي انتقال کان پوءِ انهن جي گھرواريء جو ڀاءُ يزيد بن عبد الملڪ خليفه بڻيو، ان پنهنجي ڀيڻ حضرت فاطمه کي چيو ته پنهنجا زيور واپس وٺو، پر بي بي فاطمه اهو چئي منع ڪري ڇڏيو ته جڏهن پنهنجي مڙس جي موجودگي ۾ نه ورتا ته هاڻي ڇو واپس وٺان؟

حلال تي قناعت ڪريو!

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! * اهي آهن اڳوڻي دور جون بي مثال عورتون، *