Book Name:Be Misal Auratain

الله پاڪ جو ڊپ، * اهو آهي احڪامِ اسلام کي پاڻ تي نافذ ڪرڻ، * اها آهي دين جي ڪمال اطاعت، * اهو آهي پاڻ کي لڪائڻ، * اها آهي پردي جي پاسداري ، * ان کي چئبو آهي عفت و پاڪيزگي، * ان کي چئبو آهي ڪردار جي مضبوطي، * ان کي چئبو آهي ايمان جي مضبوطي، * ان کي چئبو آهي پاڪدامني۔

          غور ته ڪريو! ڪيتري وڏي ڳالھ آهي ته هڪ خاتون شريعت ۽ دين جي تابعداري سان گڏ هن حال ۾ زندگي گذاري جو ان تي ڪڏهن ڪنهن نامحرم جي نگاھ تائين نه پئي هجي۔ جڏهن ڪردار ايترو ڀلو هجي، جڏهن عمل ۾ اهڙي پختگي هجي، جڏهن شريعت کي ايتري اهميت ڏني وڃي تڏهن الله پاڪ اهڙو مقام عطا فرمائيندو آهي جو اهڙين بي مثال عورتن جو واسطو ڏئي نه بلڪ انهن جي استعمال جي شين جو واسطو ڏئي نه بلڪ انهن جي استعمال شده ڪپڙن جي هڪ ڌاڳي جو واسطو ڏنو وڃي ته الله پاڪ رحمتن جون بارشون عطا فرمائيندو آهي۔

اڄ جي ڪجھ عورتن کي ڇا ٿي ويو آهي؟

          جڏهن ته ان جي برعڪس جتي بي پردگي عام هجي، جتي عورتن ۾ شرم و حيا ئي نه هجي، جتي بدنگاهي عام هجي، جتي دين تي عمل کي دقيانوسي سوچ سمجھيو وڃي، جتي پردي کي پراڻي زماني جو رواج سمجھيو وڃي ته اتي رحمتون ته ڇا وسنديون الٽو بي برڪتيون پيدا ٿينديون آهن۔ هڪ پاسي اسان جون اهي بي مثال عورتون هيون جيڪي پردي جي اهڙي پاسداري ڪنديون هيون جو انهن تي ڪنهن اجنبي جي نظر پوڻ اها ته پري جي ڳالھ آهي، سڄي زندگي انهن جي ڪپڙن کي ڪو اجنبي نه ڏسي سگھندو هو ۽ هڪ اڄ جون عورتون آهن جتي ڏسو بي شرمي ۽ بي حيائي جي دعوت ڏيندي نظر اينديون آهن۔ اڄ جيڏانهن ڏسو دين کان دور عورتون بي پردگي کي فروغ ڏيندي نظر اينديون آهن۔ اشتهارن ۾ اهڙيون عورتون هونديون آهن، بازارن ۾ اهڙيون عورتون