Book Name:Be Misal Auratain

حاجي عبدالحبيب جي ايپ (Application) جو تعارف

اَلْحَمْدُ لِلّٰه دعوتِ اسلامي جي شعبي مجلس آئي ٽي جي طرفان رڪنِ شوريٰ حاجي عبدالحبيب عطاري مَدَّظِلَّه الْعَالی جي نالي سان به هڪ ايپ بنام مولانا عبدالحبيب عطاري به لاؤنچ ڪئي آهي۔ جنهن ۾ رڪنِ شوريٰ حاجي عبد الحبيب عطاري مَدَّظِلَّه الْعَالی جا آڊيو ويڊيو بيان، شارٽ ڪلپ، مختلف مصروفيتون، مدني چينل ريڊيو، ڊاؤن لوڊ، سرچ ۽ شيئرنگ جون سهولتون آهن۔ هن ايپلي ڪيشن ۾ مدني چينل تي ٿيندڙ پروگرام به شامل ڪيا ويندا آهن، تنهنڪري اڄ ئي هن موبائل ايپلي ڪيشن کي پلي اسٽور يا ايپ اسٽور تان ڊاؤن لوڊ ڪريو ۽ ان جي ٻين کي به ترغيب ڏيو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

سنت جي فضيلت

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِ رسالت، شَهنْشاھ نُبُوتصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي هو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔ (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵، حدیث :۱۷۵)

سنتیں عام کریں دین کا ہم کام کریں                   نیک ہوجائیں مسلمان مدینے والے

مهمان نوازي جون سنتون ۽ آداب  

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو! مهمان نوازي جون سُنتون ۽ آداب ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا۔ پهريان (3) فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪريو۔ (1) جيڪو شخص (قدرت باوُجُود) مهمان نوازي نٿو ڪري ان ۾ ڀلائي ناهي۔ (مُسند امام احمد ، مسند الشامیین۶/ ۱۴۲،حدیث: ۱۷۴۲۴) (2) انسان جي ڪم عقلي آهي جو هو پنهنجي مهمان کان خدمت وٺي۔ (جامع صغیر،ص۲۸۸،حدیث :۴۶۸۶) (3)سنّت هي آهي ته انسان