Book Name:Be Misal Auratain

هونديون آهن، سنيما گھرن جي هالن ۾ اهڙيون عورتون هونديون آهن، سنيما جي پردن تي اهڙيون عورتون هونديون آهن، ٽي وي جي اسڪرينن تي اهڙيون عورتون هونديون آهن، ايئرپورٽ تي اهڙيون عورتون هونديون آهن، اسڪولن ۾ اهڙيون عورتون هونديون آهن، ڪالجن ۽ يونيورسٽين ۾ اهڙيون عورتون هونديون آهن، وڏن وڏن شاپنگ سينٽرن ۾ اهڙيون عورتون هونديون آهن، دڪانن جي ڪاؤنٽرن تي اهڙيون عورتون هونديون آهن، ۽ اهو سڀ ڪنهن شيء جي نالي تي ٿي رهيو آهي؟ اهو سڀ بزنس جي نالي تي ٿي رهيو آهي، اهو سڀ ايجوڪيشن جي نالي تي ٿي رهيو آهي، اهو سڀ ڏيکاء ۽ فخريه طور تي ٿي رهيو آهي ۽ اهو سڀ ترقي جي نالي تي ٿي رهيو آهي۔ الامان والحفيظ۔ الله پاڪ مسلمانن کي هدايت ڏئي۔

ترقي ۽ ڪاميابي ڇا آهي؟

          جڏهن ته ترقي ۽ ڪاميابي اها ناهي ته الله پاڪ ۽ ان جي رسول کي ناراض ڪيو وڃي، ترقي ۽ ڪاميابي اها ناهي ته الله پاڪ ۽ ان جي رسولِ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نافرماني ڪئي وڃي، ترقي ۽ ڪاميابي اها ناهي ته ناجائز و حرام ڪمن جو ارتڪاب ڪيو وڃي، ترقي ۽ ڪاميابي اها ناهي ته غير مسلمن جا طور طريقا اپنايا وڃن، ترقي ۽ ڪاميابي اها ناهي ته دين جي احڪامن جو سرِ عام مذاق اڏايو وڃي، ترقي ۽ ڪاميابي اها ناهي ته بي حيائي ۽ بي شرمي کي فروغ ڏنو وڃي، ترقي ۽ ڪاميابي اها ناهي ته گناهن جي فروغ جا سبب پيدا ڪيا وڃن، ترقي ۽ ڪاميابي اها ناهي ته مغرب جي انڌي ۽ اونداهه تهذيب کي سيني سان لڳايو وڃي، ترقي ۽ ڪاميابي اها ناهي ته اسلام جي روشن ۽ سٺي تعليمات کي وساريو وڃي۔ بلڪ هڪ مسلمان جي لاءِ حقيقي ترقي ۽ حقيقي ڪاميابي ڇا ٿي سگھي ٿي ۽ ڇا هئڻ گھرجي؟ اچو! قرآنِ پاڪ کان ٻڌون ٿا ته ترقي ۽ ڪاميابي ڇا آهي۔ جيئن الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

فَمَنْ  زُحْزِحَ  عَنِ  النَّارِ  وَ  اُدْخِلَ  الْجَنَّةَ  فَقَدْ  فَازَؕ- (پ۴،آل عمران:۱۸۵)

ترجَمو ڪنز الايمان: جيڪو باھ کان بچائي بهشت ۾ داخل ڪيو ويو سو مراد کي پهتو