Book Name:Be Misal Auratain

لباس پاتو ۽ پاڻ کان علاوه الله تعاليٰ جي ٻي مخلوق (جيئن پنهنجي اهل و عيال ۽ ٻين ماڻهن) کي کارايو ۽ پارايو ته ان جو اِهو عمل ان جي لاءِ برڪت ۽ پاڪيزگي آهي۔ (ابن حبان،کتاب الرضاع، باب النفقۃ،۴/۲۱۸، حدیث : ۴۲۲۲)

   .3هڪ شخص نبي ڪريمصَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڀرسان لنگهيو ته صحابَه ڪرامعَلَيهمُ الرِّضْوَان ان جي ڦرتيلي بدن جي مضبوطي ۽ چستي کي ڏٺو ته عرض ڪيو: يا رَسُولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! ڪاش! ان جو هي حال الله پاڪ جي راھ ۾ هجي ها۔ ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جيڪڏهن هي شخص پنهنجي ننڍن ٻارن جي لاءِ رزق جي تلاش ۾ نڪتو آهي ته هي الله پاڪ جي راھ ۾ آهي ۽ جيڪڏهن هي شخص پنهنجي پوڙھي والدين جي لاءِ رزق جي ڳولا ۾ نڪتو آهي ته به هي الله پاڪ جي راھ ۾ آهي ۽ جيڪڏهن هي پنهنجي پاڪدامني جي لاءِ رزق جي تلاش ۾ نڪتو آهي ته به هي الله پاڪ جي راھ ۾ آهي ۽ جيڪڏهن هي ڏيکاءُ ۽ فخر جي لاءِ نڪتو آهي ته هي شيطان جي راھ ۾ آهي۔ (التر غیب والترھیب،کتاب النکاح، باب التر غیب فی النفقۃ ، ۳/۴۲، حدیث:۱۰)

   .4حضرت سيدُنا سعد رَضِى الله عَنْه عرض ڪيو: يارسول الله! اوهان دُعا ڪيو ته الله پاڪ منهنجي دُعا قبول ڪري،  ته قاسمِ نعمت، نبي رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ان کي ارشاد فرمايو: ياسَعْد!اَطِبْ مَطْعَمَکَ تَکُنْ مُسْتَجَابَ الدَّعْوَة يعني پنهنجي کاڌي کي پاڪيزه بڻايو توهان جون دُعائون قبول ٿينديون۔ (معجم اوسط،۵/۳۴، حدیث:۶۴۹۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”صَداءِ مدينه“

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! صرف رزقِ حلال ئي تي اڪتفا ڪرڻ جو ذهن بنائڻ ۽ سنتن تي عمل ڪرڻ جو جذبو ماڻڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن ۾ حِصّو وٺو ۽ پنهنجي