Book Name:Be Misal Auratain

زمين مان ڦٽندڙ هڪ وڻ آهي، جنهن کي فلاڻي قبيلي جي هڪ حبشي بڻايو آهي؟ ان اقرار ڪيو ته فرمائڻ لڳيون: ان جي باوجود تو کي شرمندگي ناهي ٿيندي جو زمين مان ڦٽڻ واري هڪ ڪاٺي کي سجدو ڪريو ٿا جنهن کي فلاڻي قبيلي جي حبشي تيار ڪيو آهي۔ ته ڇا هاڻي شاهدي ڏيو ٿا ته الله پاڪ کانسواءِ ڪوئي مَعبُود ناهي ۽ حضرت محمد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ الله پاڪ جا رسول آهن؟ جيڪڏهن اها شاهدي ڏيو ٿا ته مان شادي لاءِ تيار آهيان ۽ توهان جو اسلام قبول ڪرڻ ئي منهنجو (حق) مهر ٿيندو۔

هڪ روايت ۾ آهي ته حضرت ابو طلحه رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه پڇا ڪئي: اوهان جو (حق) مهر ڇا آهي؟ چيائون: منهنجو مهر ڇا ٿي سگھي ٿو؟ اهي چوڻ لڳا: سون چاندي؟ ان تي حضرت بي بي اُم سليم رَضِىَ اللّٰهُ عَنْها چوڻ لڳيون: مون کي سون چاندي جي ضرورت ناهي مان ته اهو چاهيان ٿي ته اوهان اسلام قبول ڪري وٺو۔ (حلیة الاولیاء،الرمیصاء ام سلیم، ۲/۷۱، رقم:۱۵۱۲)

ان تي حضرت ابو طلحه رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه سوچڻ جي لاءِ ڪجھ وَقت گھريو ۽ هليا ويا، جڏهن ڪجھ سوچڻ کان پوءِ واپس موٽيا ته ڪلمو پڙھي مسلمان ٿي ويا۔ پوءِ حضرت اُمِّ سُليم رَضِىَ اللّٰهُ عَنْها پنهنجي پٽ حضرت اَنَس رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه کي حڪم ڏنو ته هو نِڪاح پڙھائن۔

(طبقات ابن سعد، رقم:۴۵۷۱، ام سلیم بنت ملحان، ۸/ ۳۱۳، ۳۱۴، ملخصا)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

نڪاح جو حق مهر ڇا هئڻ گھرجي؟

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هتي اها ڳالھ ذهن نشين فرمايو ته نڪاح جو حق مهر صرف مالِ متقوم ئي(جنهن جي ڪا قيمت هجي) ٿي سگھي ٿو۔ (بهار شريعت، ۲/۶۵، حصه:۶ ملخصاً) ۽ شريعتِ محمديه ۾ حق مهر جي گھٽ ۾ گھٽ مقدار ٻه توله ساڍا ست ماشه چاندي آهي۔ جڏهن ته وڌ کان وڌ جي ڪا Limit (يعني حَد) نه آهي۔ (فتاويٰ رضويه، ۱۲ / ۱۶۵-۱۶۶ ماخوذاً) جڏهن ته هاڻي اسان جيڪو واقعو ٻڌو ته حضرت بي بي اُم سُليم مهر اسلام آڻڻ کي قرار ڏنو ته هن باري ۾ عالم سڳورن فرمايو آهي ته