Book Name:Be Misal Auratain

ڌيء جي صورت ۾ ڪهڙو هئڻ گھرجي؟ اڄ جيڪڏهن اسان پنهنجي معاشري ۾ موجود عورتن جي احوال جو جائزو وٺون ته اندازو ٿيندو ته اڄ جون عورتون انهن بي مثال عورتن جي سيرت کي وساري چڪيون آهن، اڄ جون عورتون اڳوڻين بي مثال عورتن جي ڪردار کان منهن موڙي چڪيون آهن۔ افسوس! اڄ جي هن پُرفتن دور ۾ جڏهن عورتن کي مختلف انداز سان بي حيائي، بي راه روي، بي پردگي، عرياني، نمود و نمائش ۽  هن طرح جي ٻين ڪمن تي اڀاريو وڃي پيو ۽ ڪجھ نادان انهن ڏانهن مائل به ٿي رهيون آهن، اچو! پهريان جي بي مثال عورتن مان هڪ ٻي بي مثال خاتون عابده، زاهده ۽ وَلِيه جو بي مثال واقعو ٻڌون ٿا:

دامن جو ڌاڳو

هند جي مشهور شهر دهلي ۾ هڪ ڀيري سخت ڏڪار پيو، ماڻهن جي گهڻين دعائن جي باوجود بارش نه ٿي۔ سلسله چشتيه نظاميه جي باني ۽ عظيم پيشوا ۽ ولي ڪامل حضرت سيد محمد نظامُ الدّين اولياء رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جن پنهنجي امڙ سائڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡها جي ڪپڙي جو هڪ ڌاڳو هٿ ۾ کڻي عرض ڪيو؛ يا الله! هي اُن عورت جي دامن جو ڌاڳو آهي جنهن (عورت) تي ڪڏهن ڪنهن نامَحرم جي نظر نه پئي، منهنجا مولا! انهيءَ جي صدقي رحمت جو مينهن وساءِ! اڃان دعا ختم به نه ٿي هئي جو رحمت جا ڪَڪَر ڇائنجي ويا ۽ ڇما ڇم برسات شروع ٿي وئي۔ (اخبار الاخیارص۲۹۴)

یہی مائیں ہیں جن کی گود میں اسلام پلتا تھا

حَیا سے ان کی انساں نور کے سانچے میں ڈھلتا تھا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

دين تي عمل جا فائدا

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! * اهو آهي ڪردار، اها آهي شريعت جي تابعداري، * اها آهي شريعت جي پاسداري، * اهو آهي دين تي عمل، * اهو آهي تقويٰ ۽