Book Name:Be Misal Auratain

جي هئڻ گھرجي۔ * دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول ۾ مسلمانن کي نمازِ فجر جي لاءِ بيدار ڪرڻ کي ”صَداءِ مدينه“ لڳائڻ چئبو آهي، مسلمانن کي نمازِ فجر جي لاءِ جاڳائڻ سُنّتِ مُصطفٰي، سُنّتِ دائودي (يعني حضرت سيدنا داوئود عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي سنت) ۽ سُنّتِ صَحابه آهي،

 اَمِيرُالمؤمنين حضرت سَيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه نمازِ فجر جي لاءِ ماڻهن کي جاڳائيندي مسجد تشريف فرما ٿيندا هئا۔ (طبقات ابن سعد، رقم ۵۶، عمر بن الخطاب ،۳/۲۶۳) اچو! ترغيب لاءِ صداءِ مدينه لڳائڻ بابت هڪ مَدَني بهار ٻڌو ۽ خوش ٿيو،

صَداءِ مدينه جون بَرَڪتون

هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي ته سخت سردي جي ڏينهن ۾ انهن صداءِ مدينه جي پابندي ڪئي ته مسجد ۾ نمازين جو تعداد ايتري قدر وڌي ويو جو مسجد انتظاميه کي نمازِ فجر ۾ مسجد جي صحن ۾ جمعي جيان تنبو لڳائڻا پيا۔

هڪ اسلامي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته اَلْحَمْدُ لِلّٰه مون کي مديني شريف جي حاضري جي سعادت حاصل ٿي آهي ۽ اهو سڀ صداءِ مدينه جون برڪتون آهن، ڇوته مان پابندي سان صداءِ مدينه لڳايان ٿو۔

پڑوسی بَنا مجھ کو جنّت میں اُن کا                         خدائے محمد برائے مدینہ

لگا فَجْر میں بھائی گھر گھر پہ جاکر                          ذرا دل لگا کر ’’صدائے مدینہ‘‘

(وسائلِ  بخشش مُرمّم،ص۳۶۹)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ڪجهه  بي مثال عورتن جو تذڪرو

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان بي مثال عورتن جو تذڪرو ٻڌي رهيا آهيون۔ هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن امت جون سڀ کان وڏيون بي مثال عورتون ازواجِ مطهرات آهن، يعني اسان جي آقا، سرڪارِ مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون مبارڪ گھر