Book Name:Be Misal Auratain

منصب ڇاجي لاءِ ملندو آهي؟

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن حڪايت ۾ اسان جي لاءِ درس جا ڪيئي پهلو آهن۔ هڪ ڳالھ ته اها معلوم ٿئي ٿي ته ڪو به منصب ۽ عهدو گھر ڀرڻ جي لاءِ ناهي هوندو، بلڪ الله جي مخلوق جي خدمت ڪري رب جي رضا ماڻڻ جي لاءِ هوندو آهي ۽ جيڪي ماڻهو انهيء ڳالھ کي پنهنجو مقصد بنائن ٿا اهي هن دنيا ۾ به ڪامياب رهندا آهن ۽ آخرت ۾ به فائدو کڻندا آهن۔

زال هجي ته اهڙي!

                                                ٻي ڳالھ اها به معلوم ٿي ته اڄ جي عورتن جي هڪ تعداد آهي جنهن جو حال اهو آهي جو مال ۽ دولت، زيور ۽ عمده لباس وغيره کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڊوڙ ڊڪ ڪندي نظر اينديون آهن، الماريون ڀريل هونديون آهن پر انهن جي دل جي لالچ ۽ حرص ختم ناهي ٿيندو، اڃان ملي وڃي، وڌيڪ ملي وڃي انهيء ڪوشش ۾ رهنديون آهن۔ افسوس جو لکين روپين جا زيور ۽ لباس هئڻ جي باوجود راھ خدا ۾ هڪ پائي خرچ ڪرڻ کان ڪيٻائينديون آهن، ۽ ڪجھ مردن ۾ به اهڙيون ئي عادتون هونديون آهن جو لکين ڪروڙين جا مالڪ هوندا آهن پر راھ خدا ۾ ڏھ روپيا خرچ ڪرڻ کان پهريان سؤ ڀيرا سوچيندا آهن۔

          اهڙن جي لاءِ حضرت عمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي بي مثال گهر واريءَ جو بي مثال ڪردار مشعلِ راھ (رهنمائي ڪرڻ وارو چراغ) آهي۔ ڇوته اهي زيور جيڪي ان وٽ هئا، اهي انهن کي والد ڏنا هئا جيڪو پنهنجي وقت جو خليفو هو، قطعي طور تي حضرت عمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي گھرواريء انهن زيورن جون مالڪه هيون۔ اهي چاهين ها ته چئي ڇڏين ها ته منهنجي والد ڏنا آهن، ان جتان به ورتا هجن هاڻي ته اهي منهنجا ئي آهن۔ پر انهن اهڙو ڪجھ نه ڪيو، بلڪ ڪمال تابعداري جو مظاهره ڪندي چيائون: جيئن اوهان جي راءِ هجي (اهو ڪريو) منهنجي طرفان اجازت آهي۔

          هتي اها ڳالھ به آهي ته حضرت عمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو خليفو