Book Name:Be Misal Auratain

اها آهي انهن بي مثال عورتن جي بي مثال سوچ، * اهو آهي ان بي مثال عورتن جو بي مثال رويو، * اهي آهن ان بي مثال عورتن جا بي مثال واقعا۔ اڄ ته سڄو نظام بگڙيل آهي، ڇا مرد ڇا عورت سڀني جو حال هڪجھڙو آهي۔ ياد رکو! رزقِ حلال سان چٽڻي کائي ۽ رُکي سُکي ماني کائي سڄي زندگي گذاري وڃي ته اهو حرام جو هڪ روپيو کائڻ کان وڌيڪ بهتر ۽ فائده مند آهي۔ تنهنڪري! پنهنجو اهو ذهن بڻايو ته حالات جهڙا به ٿي وڃن صرف ۽ صرف حلال تي ئي گذارو ڪنداسين۔ حرام ڏانهن هرگز نه وينداسين۔ الله پاڪ اسان کي حلال کائڻ ۽ حلال کارائڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ اچو! ٻڌون ٿا ته مالِ حلال جا ڪهڙا ڪهڙا فائدا آهن:

حلال مال جا فائدا

 * جيڪو مُسلمان رِزقِ حلال ڪمائي پنهنجي اهل ۽ عيال کي حَلال کارائي ٿو * اهو پُرسُڪون ۽ خُوشحال زندگي گُذاري ٿو * حلال ڪمائڻ ۽ کائڻ واري جو ماڻهن جي نظرن ۾ هڪ خاص مقام بڻجي ويندو آهي * حلال ڪمائڻ ۽ کائڻ واري جي ڪاروبار ۾ برڪت ٿيندي آهي * حلال ڪمائڻ ۽ کائڻ وارن جا گُناھ مُعاف ڪيا ويندا آهن ۽ * حلال ڪمائڻ ۽ کائڻ واري جون دُعائون قبول ٿينديون آهن۔ حلال ڪمائڻ ۽ کائڻ جون فضيلتون ايتري قدر گھڻيون آهن جو دل چاهي ٿي ته بس بيان ڪندا ۽ ٻڌندا ئي وڃون۔ اچو! ترغيب طور پنهنجي پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون 4 حديث سڳوريون ٻڌون ٿا ۽ ان تي عمل جي نِيت به ڪيون ٿا:

   .1ارشاد فرمايائو: جنهن چاليھ (40) ڏينهن تائين حلال کاڌو، الله پاڪ ان جي دل کي منور ڪندو ۽ ان جي زبان تي حڪمت جا چشما جاري ڪندو ۽ دنيا و آخرت ۾ ان جي رهنمائي فرمائيندو۔ (اتحاف السادۃ،کتاب الحلال والحرام ، الباب الاول، فی فضیلۃ الحلال ...الخ ، ۶ / ۴۵۰)

   .2 جنهن شخص حلال مال ڪمايو پوءِ ان کي پاڻ کاڌو يا ان ڪمائي مان