Book Name:Be Misal Auratain

يا ته حضرت بي بي ام سليم رَضِىَ اللّٰهُ عَنْها مهر معاف ڪري ڇڏيو هو، يا اهو مطلب آهي ته مهر معجل يعني نڪاح مهل ڪجھ نه ورتو هو۔ (مراة المناجيح، ۵/۱۳۰) بهرحال صرف مال ئي حق مهر بڻجي سگھي ٿو۔ ۽ مهر عورت جو حق هوندو آهي، اهو ان کي ضرور ملڻ گھرجي۔ الله پاڪ اسان کي هر هڪ کي ان جو حق ڏيڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين۔

دين کي ترجيح ڏيو!

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن حڪايت ۾ اسان جي لاءِ درس جا ڪيئي پهلو موجود آهن، هڪ ڳالھ ته اها معلوم ٿئي ٿي ته اڳوڻي دور جون عورتون واقعي بي مثال هيون، غور ڪريو اڄ جي هن ترقي يافته دور ۾ به جيڪڏهن ڪا خاتون خدانخواسته بيوه ٿي وڃي ته ان کي هڪ مضبوط سهاري جي ضرورت هوندي آهي ۽ جيڪڏهن ڪٿان کان اهو سهارو ملي وڃي ته ان کي اپنائڻ ۾ دير ناهي ڪئي ويندي، ۽ نه ئي ڪرڻ گھرجي جڏهن ته اهو دور ته اڃان جهالت جي انڌيرن مان نڪري رهيو هو، اتي بيوه سان ڪهڙو سلوڪ ٿيندو هوندو ان جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو، اهڙي ماحول ۾ جڏهن حضرت بي بي اُمِّ سُلَيم رَضِىَ اللّٰهُ عَنْها کي حضرت ابو طلحه رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه جي صورت ۾ هڪ مضبوط سهارو ملي رهيو هو، جيڪي مالدار هئا، پنهنجي دور جي معزز ماڻهن ۾ شامل هئا، عزت ۽ شان وشوڪت جا مالڪ هئا، جڏهن انهن نڪاح جو پيغام موڪليو ته حضرت بي بي اُم سُليم رَضِىَ اللّٰهُ عَنْها خوش ٿيڻ بدران، پنهنجي قسمت تي ناز ڪرڻ بدران، حضرت ابو طلحه رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه جي مال و دولت ڏانهن توجھ ڏيڻ بدران ۽ پنهنجي مستقبل جا سٺا سٺا خواب ڏسڻ بدران دين ۽ اسلام جي دعوت ڏيڻ کي سڀني تي ترجيح ڏني، اسلام جي خدمت ڪرڻ کي انهن ترجيح ڏني، نيڪي جي دعوت ڏيڻ کي انهن ترجيح ڏني ۽ پنهنجي هن عمل سان انهن اهو ٻڌائي ڇڏيو ته دين جي محبت، دين جو پيار، دين جي خدمت جي سوچ، نيڪي جي دعوت کي ترجيح ڏيڻ جو جذبو ۽ دين جي تبليغ جو جذبو گھڻو اهم آهي۔ هن مان اندازو لڳايو ته انهن کي دين سان ڪيترو پيار هو، هوءَ پنهنجي ذات بابت چڱائين ۾ به دين