Book Name:Be Misal Auratain

هٿ ۾ هوندي آهي، ۽ ان جي فرمان جي تابع ٿي ويندي آهي۔ (تنویر الازہارمترجم، ۲/۱۸۹ ملخصا)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

عمل جو جذبو پيدا ڪريو!

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت بي بي نَفِيسَه رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡها جي هن مختصر سيرت ۾ اسان جي لاءِ عبرت جا ڪيئي درس آهن، اهي خاتون ٿي ڪري ڏينهن رات عبادت ۾ مگن رهنديون هيون، اسان کي به ان کان عبرت وٺندي عبادت جي ڪثرت ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي۔ گھڻو نه به ٿئي ته گھٽ مان گھٽ پنج وقت جون نمازون ته جماعت سان ادا ڪرڻ گھرجن۔ ياد رکو نماز جي ادائيگي فرض آهي، مرد هجي يا عورت ان ۾ هرگز هرگز سستي نه ٿيڻ گھرجي۔ اهڙي طرح اسان حضرت بي بي نَفِيسَه رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡها جي باري ۾ ٻڌو ته انهن موت قبر ۽ آخرت کي ياد رکڻ جي لاءِ پنهنجي قبر پهريان کان ٺاهرائي رکي هئي ۽ ان ۾ ختمِ قرآن ڪرڻ لڳيون هيون ايستائين جو ٻه هزار ڀيرا ختمِ قرآن ڪري ورتو، اسان کي به روزانه جي بنياد تي تلاوت جو معمول بنائڻ گھرجي ۽ انهن جھڙي طرح جي زندگي گذاري ان جو انعام انهن کي هن زندگي ۾ اهو مليو ته اهي جيڪي خواهش ڪنديون هيون، الله پاڪ انهن کي عطا ڪندو هو۔ هن ۾ اسان جي لاءِ به درس آهي ته جيڪڏهن اسان به دنيا جي بدران خالق جا ٻانها بڻجي وڃون، اسان به پنهنجي زندگي کي بي مثال عورتن ۽ بي مثال حضرات جيان گذارڻ وارا بڻجي وڃون ته اها دنيا اسان جي لاءِ پڻ حڪم جي غلام ٿي پوندي، بي مندائتا ميوا اسان کي به نصيب ٿيندا ۽ سڀ کان وڏو فائدو اهو ٿيندو ته هميشه رهڻ واري آخرت به بهتر ٿي ويندي۔ انهن سمورين ڳالھين تي عمل جي لاءِ اوهان عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي سان وابسته ٿي وڃو ۽ سڄي دنيا ۾ دين جو پيغام عام ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي سان تعاون ڪريو۔