Book Name:Be Misal Auratain

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته حقيقي ڪاميابي اها آهي ته ٻانهو پاڻ کي جهنم کان نجات ڏياري جنت ۾ داخل ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي۔ (تفسیر صراط الجنان،پ۴،آل عمران، تحت الآیۃ ۱۸۵، ۲/۱۱۲)

هاڻي اسان کي گھرجي ته اسان هن ڪاميابي کي ماڻڻ جي ڪوشش ڪريون، پنهنجي گھر وارن جو ذهن بڻايون ۽ انهن کي هن پاسي مائل ڪريون۔ پنهنجي گھر جي عورتن کي سمجھايون ۽ انهن کي حڪمتِ عملي سان دين جي احڪامن تي هلڻ جي ترغيب ڏيون۔ الله پاڪ اسان کي دين تي عمل جي توفيق عطا فرمائي۔ شيخِ طريقت، اَمِيرِ اهلسنّت ڪهڙي نه خوب دعا گھرن ٿا:

عبادت میں گزرے مری زندگانی                           کرم ہو کرم یاخدا یاالٰہی

بنا دے مجھے نیک نیکوں کا صدقہ                            گناہوں سے ہر دم بچا یاالٰہی

گناہوں کے امراض سے نیم جاں ہوں                        پئے مرشدی دے شفا یاالٰہی

مسلماں ہے عطارؔ تیری عطا سے                          ہو ایمان پر خاتمہ یاالٰہی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان تاريخ جي بي مثال عورتن جي بي مثال سيرت ۽ ڪردار بابت ٻڌي رهيا آهيون، اچو! هڪ ٻي بي مثال عورت جي سيرت جي جھلڪ ٻڌون ٿا:

حضرت نَفِيسَه جي مختصر سيرت

          هن عظيم ۽ بي مثال خاتون جو نالو آهي ”سيده نَفِيسَه رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡها“ هي شهزاه عالي وقار، نواسه رسول، جگر گوشه بتول حضرت امام حسن مجتبي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي پَڙ پوٽي هئي، گھڻي نيڪ ۽ وڏي پرهيزگار هئي۔ * حضرت نَفِيسَه رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡها مڪه مڪرمه ۾ پيدا ٿيون۔ * حضرت نَفِيسَه رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡها جو معمول هو ته ڏينهن جو روزو رکنديون هيون ۽ سڄي رات نمازون پڙھنديون رهنديون هيون۔ * حضرت