Book Name:Be Misal Auratain

چڙھي ويندا آهن ۽ انهن جيان (ٻيا ملائڪ) لهندا آهن، اهي به ائين ئي ڪندا آهن، ايستائين جو جڏهن زمين کُلندي ته حُضُورِ اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ستَّر (70) هزار ملائڪن (جي جُھرمٽ) ۾ نڪرندا جيڪي حُضُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي (بارگاھ رب العزت ۾) پهچائيندا۔

( مشکاۃ،کتاب احوال القیامۃ وبدء الخلق،باب الکرامات، ۲/۴۰۱ ،حدیث: ۵۹۵۵)

بَيان ڪيل حديثِ پاڪ جي حوالي سان مفسرِ قرآن حضرت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: خيال رهي ته هميشه سمورا ملائڪ ئي حُضور (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) تي دُرُود موڪليندا آهن پر هي ستر (70) هزار ملائڪ اهي آهن جن کي سڄي عمر ۾ هڪ ڀيري درٻار جي حاضري جي اجازت هوندي آهي، اهي حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي برڪت حاصل ڪرڻ لاءِ حاضري ڏيندا آهن۔ جيڪو ملائڪ هڪ ڀيرو حاضري ڏئي ويندو آهي، ان کي ٻيهر حاضري جو شرف ناهي ملندو، سڄي عمر ۾ صرف ڪجھ ڪلاڪ يعني اڌ ڏينهن جي حاضري نصيب ٿيندي آهي۔ (مفتي صاحب رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه حديثِ پاڪ جي هن حصّي ايستائين جو جڏهن زمين کُلندي ته حُضُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ستَّر (70) هزار ملائڪن ۾ نڪرندا جيڪي حُضُورِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پهچائيندا۔جي وضاحت ۾ لکن ٿا:) يعني قيامت جي ان ڏينهن جي ڊيوٽي وارا ملائڪ حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پنهنجي جُھرمٽ ۾ وٺي ربّ ڪريم تائين گھوٽ جيان پهچائيندا۔ (مرآۃ المناجیح، ۸/۲۸۲تا ۲۸۳) 

امامِ عشق و مَحَبَّت، اعليٰ حضرت مولانا شاھ احمد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ”حدائقِ بخشش“ ۾ انهيء ڳالھ ڏانهن اِشارو ڪندي ڇا خُوب ارشاد فرمائن ٿا:

ستّر   ہزار   صُبْح   ہیں   سَتّر   ہزار   شام

یُوں بندَگیِ  زُلف  و  رُخ  آٹھوں   پہر   کی  ہے

                                           (حدائق بخشش،ص۲۲۰)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                          صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد