Book Name:Faizan-e-Safar-ul-Muzaffar

آهن۔ هاڻي سوال هي آهي ته انهن ماڻهن جو اهو عقيدو ۽ انداز ڪيئن آهي؟ ڪا شرعي قباحت ته ناهي؟

اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جواب ڏنو؛ شريعت مطهّره (پاڪيزه شريعت) ۾ ان جي ڪابه حقيقت ناهي، ماڻهن کي پنهنجو وهم اڳيان ايندو آهي۔ شريعت ۾ حڪم آهي؛ اِذَا تَطَیَّرْتُمْ فَامْضُوْا يعني جڏهن ڪو بروگمان اچي ته ان تي عمل نه ڪيو۔ اهو يهودين جو طريقو آهي، مسلمان کي گھرجي ته اهڙي موقعي تي اَللّٰہُمَّ لَاطَیْرَ اِلَّا طَیْرُکَ، وَلَا خَیْرَ اِلَّا خَیْرُکَ، وَلَا اِلٰہَ غَیْرُکَ (ترجمو: اي الله! ناهي ڪا برائي پر تنهنجي طرفان ۽ ناهي ڪا ڀلائي پر تنهنجي طرفان ۽ توکان سواءِ ڪو معبود ناهي) پڙهي، پنهنجي ربّ تي ڀروسو ڪري، پنهنجي ڪم لاءِ هليو وڃي، هرگز نه بيهي، نه واپس موٽي اچي۔ وَاﷲُ تعالٰي اَعْلَمُ  (فتاويٰ رضويه،۲۹/۶۴۱ ملخصاً)

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! هن مُعاملي ۾ اسان جي بزرگ سڳورن جي زندگي اسان جي لاءِ پيروي لائق آهي۔ اهي حضرات ڪنهن مخصوص شخص، جڳھ، وقت يا شيء کي پنهنجي لاءِ منحوس خيال ڪري بدفالي وٺڻ يا تارن جي زائچن تي يقين رکڻ جي بدران رَبِّ ڪريم جي ذات تي ڪامل يقين رکندا هئا۔ اچو! هن باري ۾ 2 ايمان افروز حڪايتون ٻڌون ٿيون، جيئن

سفر تان نه رُڪيا

اميرالمؤمنين مولا مشڪل ڪشا حضرت سيِّدُنا عليُّ المرتضيٰ رَضِیَ اللهُ عَنْهُ جڏهن خارجين سان جنگ لاءِ سفر جو ارادو ڪيو ته هڪ نجومي رڪاوٽ بڻجي چوڻ لڳو؛ اي اميرالمؤمنين اوهان نه وڃو، حضرت سيِّدُنا عليُّ المرتضيٰ رَضِیَ اللهُ عَنْهُ جن سبب پڇيو ته ان چيو؛ هن وقت چنڊ عَقرَب (آسمان جي برجن مان هڪ بُرج جو نالو) ۾ آهي جيڪڏهن اوهان هن وقت ويندؤ ته اوهان کي شڪست ٿيندي، اهو ٻڌي حضرت سيِّدُنا عليُّ المرتضيٰ رَضِیَ اللهُ عَنْهُ جواب ڏنو؛ نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم، حضرت صديق ۽ عمر رَضِیَ اللهُ عَنْهُمَا نجومين تي اعتقاد نه رکندا هئا، مان الله عَزَّوَجَلَّ تي توڪّل رکندي ۽ تنهنجي ڳالھ کي ڪوڙو ثابت ڪرڻ لاءِ لازمي سفر