Book Name:Faizan-e-Safar-ul-Muzaffar

پڙھي، هن مهيني جي ختم ٿيڻ کان پهريان اِنْ شَآءَ الله هو غني ٿي ويندو۔ (لطائفِ اشرفي، ۲/۲۳۱) ان جي عمر ۾ اضافو ڪيو ويندو۔ (جواهرخمسه، ص۲۰)

(4) مَغفِرت جي دعا ڪرايو

اميرُالمؤمنين حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمايو: حج ڪرڻ وارو مغفرت يافته آهي ۽ حاجي ذُوالْحِجۃالْحَرام، محرّمُ الحرام، صَفَرُالْمُظَفَّر ۽ ربيعُ الاوّل جي 20 ڏينهن ۾ جنهن جي لاءِ  استغفار  ڪندو ان جي به مغفرت ٿي ويندي آهي۔ ( احياء العلوم، ڪتاب اسرار الحج، الباب الاول ۔۔۔ الخ، الفصل الاول ۔۔۔ الخ ، ۱/۳۲۳)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ايامِ بِيض جي روزن جون فضيلتون

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! روزو رکڻ جا بي شمار دِيني ۽ دُنيوي فائدا آهن۔ لهٰذا تمام مهينن وانگر صفر ۾ به ايامِ بِيض (يعني مهيني جي 13،14،15 تاريخن جا روزا رکڻ جي ڪوشش ڪريو  ڇوته سفر هجي يا حَضر هميشه نبي ڪريم، رَؤفٌ رَّحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هر مهيني انهن ٽن ڏينهن جا روزا نه صرف پاڻ رکندا هئا بلڪه صحابَه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم کي به ان جي ترغيب اِرشاد فرمائيندا رهيا۔ اچو! هر مهيني ٽي ڏينهن جا روزا رکڻ جي فضيلت تي ٽي حديث سڳوريون ٻڌو ۽ عمل جو جذبو بيدار ڪريو، جيئن

(1) حضرت عثمان بن ابوالعاصرَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: مون نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي فرمائيندي ٻُڌو، ”جهڙي طرح توهان مان ڪنهن وٽ جنگ ۾ بچاءَ جي لاءِ ڍال هوندي آهي اهڙيءَ طرح روزو جهنّم کان توهان جي ڍال آهي ۽ هر مهيني ٽي ڏينهن روزا رکڻ بهترين روزا آهن۔ (ابن خزيمه، جماع ابواب صوم التطوع، باب ذڪر الدليل علي ان الامر بصوم الثلاث۔۔۔الخ،۳/۳۰۱، حديث:۲۱۲۵)