Book Name:Faizan-e-Safar-ul-Muzaffar

ڪندس۔ پوءِ پاڻ رَضِیَ اللهُ عَنْهُ انهيءَ جهاد جي سفر لاءِ روانا ٿي ويا۔ الله تعاليٰ سندن کي رسولُ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي حياتِ ظاهري کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ بَرَڪت انهيءَ سفر ۾ عطا فرمائي ايتريقدر جو سمورا دشمن قتل ڪيا ويا ۽ حضرت سيِّدُنا عليّ المرتضيٰ  رَضِیَ اللهُ عَنْهُ خوش ٿي، فتح حاصل ڪري واپس موٽيا۔ (غذاء الالباب شرح منظومۃ الآداب ، مطلب في اتلاف آلۃ التنجيم والسحر، ۱/۱۹۱بتغير قليل)

بدفالي جي ترديد

اميرُالمُؤمِنِين حضرت سيدنا عمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي غلام حضرت مُزاحِم جو بيان آهي؛ جڏهن اسان مدينه طيّبه مان نڪتاسين ته مون ڏٺو چنڊ ”دَبَران“ ۾ آهي، مون انهن کي هي چوڻ مناسب نه سمجھيو بلڪ هي چيو؛ ٿورو چنڊ ڏانهن ته نهاريو، ڪيڏو نه خوبصورت پيو لڳي! پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڏٺو ته چنڊ دَبَران ۾ هو، فرمايائون شايد اوهان مون کي هي ٻڌائڻ چاهيو ٿا ته چنڊ دَبَران ۾ آهي، مُزاحم! اسان سج چنڊ سان گڏ ناهيون، بلڪ الله واحد و قهّار جي حڪم ۽ مشيّت سان نڪرندا آهيون۔ (سيرت ابن عبدالحڪم ،ص۲۷)

  پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! معلوم ٿيو! ٭ الله وارا نجومين تي اعتماد ناهن ڪندا، ٭ الله وارا چنڊ تارن جي تاثير کي ناهن مڃندا، ٭ الله وارا بدفالي ناهن وٺندا، ٭ الله وارا بدفالي جي حقيقت کي تسليم ناهن ڪندا، ٭ الله وارا چنڊ تارن جي تاثير مڃڻ وارن جي اصلاح ڪندا آهن ٭ الله وارا الله پاڪ جي ذات تي ڪامل ڀروسو رکندا آهن، تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان به انهن بزرگن جي نقشِ قدم تي هلندي وهم ۽ بدفالي، چنڊ تارن جي تاثير ۽ نجومين تي اعتماد ڪرڻ جي بدران صرف الله ڪريم جي ذات تي ڀروسو ڪرڻ سکون، ڇوته

اللہ پاڪ تي ڀروسو ڪرڻ جون بَرڪتون

٭ جيڪي الله پاڪ تي ڀروسو ڪندا آهن اهي هميشه خوش رهندا آهن، ٭ جيڪي الله پاڪ تي ڀروسو ڪندا آهن اهي سڪون ۽ اطمينان واري زندگي