Book Name:Faizan-e-Safar-ul-Muzaffar

ذهن بڻيل هوندو آهي ته صفر ۾ جيڪي آفتون ۽ بلائون نازل ٿين ٿيون انهن ڪمن کي ڪرڻ سان اهي بلائون ٽري وينديون آهن۔ ياد رهي! مصيبتون ۽ آزمائشون الله پاڪ جي طرفان اينديون اهن، انهن جي لاءِ ڪوئي ڏينهن يا مهينو مخصوص ناهي، جنهن جي حق ۾ جيڪا آزمائش لکجي چڪي آهي اها ان کي پهچي رهندي آهي، هاڻي چاهي صفر جو مهينو هجي يا سال جا ٻيا مهينا۔ اها ڳالھ به ذهن نشين رهي ته قرآن خواني يا نياز يا فاتحه ڪرڻ هڪ مستحب ڪم آهي ۽ هر طرح جي رزقِ حلال تي هر مهيني جي ڪنهن به تاريخ تي ڪنهن به وقت ڏياري سگھجي ٿي پر صرف وهم جي بنا تي اهو سمجھي وٺڻ ته جيڪڏهن تيرهن تاريخ تي ختمو نه ڏياريو ۽ چڻا پچائي نه ورهايا ته گھر جي ڪمائڻ وارن ماڻهن جو روزگار متاثر ٿيندو، اهي نظريه بي بنياد ۽ بدفالي تي دلالت ڪن ٿا۔

صفر جو آخري اربع ۽ نحوست

صَفَرُالْمُظَفَّر جي آخري اربع کي منحوس سمجھندي ڪيئي انداز اختيار ڪيا ويندا آهن، مثال طور: انهيءَ ڏينهن ٭ ماڻهو پنهنجو ڪاروبار بند ڪري ڇڏيندا آهن ٭ سير، تفريح ۽ شڪار واسطي نڪري ويندا آهن ٭ تريل مانيون پچايون وينديون آهن ٭ وهنجندا، خوشيون ملهائيندا آهن ۽ چوندا آهن ته حضور اقدس صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهيءَ ڏينهن غسلِ صحت فرمايو هو ۽ مديني طيبه کان ٻاهر سير جي لاءِ نڪري ويا هئا۔ اهي سڀ ڳالهيون بي اصل آهن بلڪ انهن ڏينهن ۾ حضور اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو مرض وڌي ويو هو، اهي ڳالهيون خلاف واقع (ڪوڙيون) آهن ٭ ۽ ڪي ماڻهو هي چوندا آهن ته انهيءَ ڏينهن مصيبتون نازل ٿينديون آهن ۽ طرح طرح جون ڳالهيون ڪيون وينديون آهن، سڀئي بي ثبوت آهن۔ (بهارِشريعت، حصه۱۶،۳/۶۵۹)

          اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کان صفر جي آخري اربع جي باري ۾ سُوال ڪيو ويو ته هن ڏينهن عورتون سفر