Book Name:Faizan-e-Safar-ul-Muzaffar

(2) حضرت جَرير رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي: نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: هر مهيني ۾ ٽي ڏينهن يعني تيرهين چوڏھين ۽ پندرھين تاريخ جا روزا سڄي زندگي جي روزن جي برابر آهن۔ (نسائي ،ڪتا ب الصيام، با ب ڪيف يصوم ثلاثۃ ايام۔۔۔الخ، ص۳۹۶، حديث:۲۴۱۷)

(3) نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: رمضان جا روزا ۽ هر مهيني ۾ ٽي ڏينهن جا روزا سيني جي خرابي کي پري ڪندا آهن۔ (مسندامام احمد، احاديث رجال من اصحاب النبي،۹/۳۶، حديث:۲۳۱۳۲)

نماز و روزہ و حجّ و زکوٰۃ کی توفیق                     عطا ہو اُمّتِ محبوب کو سدا یارب

(وسائلِ بخشش مُرمَّم،ص۸۸)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي پاڙيسري جي باري ۾ ڪجھ نڪتا بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿي۔

پاڙيسري جي باري ۾ ڪجھ نڪتا!

پهريان ٻه فرمانِ مصطفي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪريو: (1) فرمايائون: الله پاڪ جي ويجھو بهترين پاڙيسري اهو آهي جيڪو پنهنجي پاڙيسري جو خير خواه هجي۔ (تِرمِذي، ڪتاب البر ولصلۃ ،باب ما جاء في حق الجوار،۳/۳۷۹، حديث: ۱۹۵۱) (2) فرمايائون: جنهن پنهنجي پاڙيسري کي اِيذاء ڏنو ان مون کي اِيذايو ۽ جنهن مون کي اِيذايو ان الله پاڪ کي اِيذايو۔ (الترغِيب والترهيب،۳/۲۸۶، حديث:۳۹۰۷) ٭ ”نُزهةُ القاري“ ۾ آهي: پاڙيسري ڪير آهي ان کي هر شخص پنهنجي عُرف ۽ معاملي سان سمجھي سگھي ٿو۔ (نزهۃ القاري،۵/۵۶۸) ٭ امام محمد بن محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: پاڙيسري جي حقن مان اهي به آهن ته ان کي سلام ڪرڻ ۾اڳرائي ڪري. ٭ ان کان ڊگھي گفتگو نه ڪري، ٭ ان جي حالات جي باري ۾ وڌيڪ پڇا ڳاڇا نه ڪري. ٭ هو بيمار هجي ته ان جي مزاج پُرسي ڪري، ٭ مصيبت جي وَقت ان جي غم خواري ڪري ۽