Book Name:Faizan-e-Safar-ul-Muzaffar

والنهايۃ،۳/ ۳۹۲) ٭ صَفَرُالْمُظَفَّر جي مهيني ۾ سَيفُ الله حضرت خالد بن وليد، حضرت عمرو بن عاص ۽ حضرت عثمان بن طلحه رَضِىَ اللهُ عَنْهم بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿي اسلام قبول ڪيو۔ (الڪامل في التاريخ،۲/۱۰۹) ٭ صَفَرُالْمُظَفَّر جي مهيني ۾ مدائن (جنهن ۾ ڪسريٰ جو محل هو) کي فتح ڪيو ويو۔ (الڪامل في التاريخ،۲/۳۵۷) ٭ صَفَرُالْمُظَفَّر جي مهيني ۾ اميرُالمؤ منين حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جي دورِ خلافت ۾ 16ھ ۾ حضرت سعد بن اَبي وقاص رَضِىَ اللهُ عَنْه ڪسريٰ جي محل ۾ جمعي جي نماز ادا ڪئي ۽ اهو پهريون جمعو هو جيڪو عراق جي مملڪت ۾ پڙھيو ويو۔ ٭ صَفَرُالْمُظَفَّر جي مهيني ۾ سن 11هجري ۾ ئي ڪوڙي نبوت جي دعويدار اَسوَد عَنسي ڪذَّاب کان مسلمانن نجات ماڻي۔ (فيضانِ صديق اڪبر،ص۳۹۱)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!  ٻڌو اوهان ته! صَفَرُالْمُظَفَّر ڪيترو پيارو مهينو آهي ۽ هن مبارڪ مهيني ۾ ڪهڙا ڪهڙا عظيمُ الشّان واقعا ٿيا! ٿورو سوچيو! جنهن مقدس مهيني ۾ اهڙا اهم واقعا ٿيا هجن اهو مهينو ڪهڙي طرح منحوس ٿي سگھي ٿو؟ افسوس صد ڪروڙ افسوس! عِلمِ دين کان دُوري ۽ بُري صحبت جي سبب ماڻهن جو هڪ تعداد صَفَرُالْمُظَفَّر جهڙي بارونق ۽ بابرڪت مهيني کي به مصيبتون ۽ آفتون لهڻ وارو مهينو سمجھندو آهي، خاص ڪري هن جي ابتدائي تيرهن (13) تاريخن جي باري ۾ کوڙ خلافِ شريعت ڳالهيون مشهور آهن، مثال طور

صفر جي مهيني  جي باري ۾ ڦهليل بي بنياد خيال

٭ صفر جي مهيني کي بلائن لهڻ وارو مهينو سمجھندي ابتدائي تاريخن ۾ چڻا يا ڪڻڪ اُٻاري نياز ڏياريو ويندو آهي۔ ٭ مخصوص تعداد ۾ سُورهٔ مُزَّمِّل جو ختم ڪرايو ويندو آهي۔ ٭ سمنڊ ڪناري تي اٽي جون گوريون ٺاهي مڇين کي ڏنيون وينديون آهن وغيره۔ انهي سڀني ڳالهين جي پويان ماڻهن جو اهو