Book Name:Faizan-e-Safar-ul-Muzaffar

(2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندَس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندَس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين اسلامي ڀينرن جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندَس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

   پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!  اڄ جي هن هفتيوار سُنّتن ڀريي اجتماع جو موضوع  آهي ”فيضانِ صَفَرُالمُظَفَّر“۔ بدفالي جي ڇا حقيقت آهي؟ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن جي باري ۾ ڇا ارشاد فرمايو آهي؟ الله پاڪ تي ڀروسو ڪرڻ جون ڪهڙيون بَرڪتون آهن؟ صَفَرُالمُظَفَّر ۾ ڪهڙن ڪهڙن عظيمُ الشّان واقعن جو ظهور ٿيو؟، صَفر جي مهيني جي باري ۾ اسلامي تعليمات ڇا آهي؟ ۽ اسان کي هن مهيني کي ڪهڙي طرح گذارڻ گھرجي؟ انهن تمام شين جو بيان اڄ جي اجتماع ۾ اسين ٻُڌنديوسين۔ اي ڪاش! اسان کي سڄو بيان سٺين سٺين نيتن سان ٻڌڻ جي سعادت نصيب ٿي وڃي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِينْ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ