Book Name:Faizan-e-Safar-ul-Muzaffar

پاڪ جي نافرماني ڪري، اهو وقت ان لاءِ منحوس آهي، حقيقت ۾ اصل نحوست ته گناهن ۾ آهي۔ (تفسيرروح البيان، پ ۱، التوبۃ،تحت الآيۃ ۳۷، ۳/۴۲۸)

گناہوں سےمرا سارا وجود افسوس ہے لتھڑا                   مجھے اب پاک کردیجے گناہوں کی نحوست  سے

(وسائل ِبخشش مُرَمَّم،ص۴۰۲)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

صَفَرُالمُظَفَّر ڪيئن گذاريون؟

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! صفر به سال جي ٻين مهينن جيان هڪ بابرڪت مهينو آهي، لهٰذا هن مهيني کي به ٻين مهينن وانگر بابرڪت سمجھڻ گھرجي، هن مهيني ۾ به گناهن کان بچندي خوب خوب نيڪ عمل ڪرڻ گھرجن، نفل روزن جو اهتمام (Arrangement) ڪرڻ گھرجي، نفل ۽ ذڪر و درود جي ڪثرت ڪرڻ گھرجي ۽ صَفَرُالْمُظَفَّر بابت اسان جي بزرگ سڳورن رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهم کان جيڪي اَوراد ۽ وَظائف منقول آهن، انهن تي عمل ڪرڻ گھرجي۔ اِنْ شَآءَ الله ان جي برڪت سان کوڙ ڀلائيون نصيب ٿينديون۔ اچو! صفر جي مهيني بابت بزرگانِ دِين کان منقول نفل ۽ وظيفن وغيره جي باري ۾ ٻڌون ٿيون،

(۱) پهرين رات جا نفل

صفر جي مهيني جي پهرين رات ۾ نمازِ عشاء کان پوءِ هر مسلمان کي گھرجي ته چار (4) رڪعت نماز پڙھي۔ پهرين رڪعت ۾ سورهٔ فاتحه کان پوءِ سوره ڪافرون (قُلْ يٰااَيُّھَا الْکٰفِرُوْن) پندرهن (15) ڀيرا پڙھي، ٻي رڪعت ۾ سوره فاتحه کان پوءِ سوره اخلاص (قُلْ هوَ الله اَحَد) يارهن (11) ڀيرا پڙھي، ٽئين رڪعت ۾ سورهٔ فاتحه کان پوءِ سوره فلق (قُلْ اَعُوْذُ بِرَبِّ الْفَلَق) پندرهن (15) ڀيرا پڙھي ۽ چوٿين رڪعت ۾ سورة الناس (قُلْ اَعُوْذُ بِرَبِّ النَّاس) پندرهن (15) ڀيرا پڙھي،