Book Name:Faizan-e-Safar-ul-Muzaffar

سلام ڦيرڻ کان پوءِ ڪجھ ڀيرا اِياک نَعْبُدُ وَ اِياک نَسْتَعِين پڙھي۔ پوءِ ستّر (70) ڀيرا درود شريف پڙھي ته الله پاڪ ان کي وڏو ثواب عطا فرمائيندو ۽ ان کي هربَلا کان محفوظ رکندو۔ (راحت القلوب فارسي، ص۶۱)

(2)بلائن کان حفاظت

جيڪو صَفَرُالْمُظَفَّر جي آخري اربع جو چار رڪعت هن طرح پڙھي جو هر رڪعت ۾ سوره فاتحه کان پوءِ سترهن (17) ڀيرا سورهٔ ڪوثر (اِنَّا اَعْطَينٰکَ الْکَوْثَر) ۽ پنج پنج بڀرا سورهٔ اخلاص (قُلْ هوَ الله اَحَد)، سورهٔ فلق (قُلْ اَعُوْذُ بِرَبِّ الْفَلَق) ۽ سورة الناس(قُلْ اَعُوْذُ بِرَبِّ النَّاس) پڙھي ۽ سلام کان پوءِ هي دعا پڙھي:

یَاشَدِ یْدَ الْقُویٰ یَاشَدِ یْدَ الْمِحَالِ یَاعَزِ  یْزُ ذَ لَّلْتَ بِعِزَّ تِکَ
جَمِیْعَ خَلْقِکَ اَ کْفِنِیْ مِنْ جَمِیْعِ خَلْقِکَ یَا مُحْسِنُ یُامُجْمِلُ یَامُفَضِّلُ یَامُنْعِمُ یَامُکَرِّمُ
یَا مَنْ لَّا اِلٰہَ اِلَّا اَنْتَ بِرَحْمَتِکَ یَا اَرْحَمَ الرّٰ حِمِیْن

 ترجمو: اي وڏي قوّتن وارا! سخت پڪڙ فرمائڻ وارا! اي عزيز! تنهنجي عزت جو قسم! تُون پنهنجي تمام مخلوق تي غالب آهين۔ مون کي پنهنجي تمام مخلوق کان بي نياز ڪري ڇڏ۔ اي احسان فرمائڻ وارا! اي خوبصورتي عطا فرمائڻ وارا! اي فضل فرمائڻ وارا! اي انعام ڪرڻ وارا! اي عزت ڏيڻ وار! اي شريڪ کان پاڪ ذات! تو کي پنهنجي رحمت جو واسطو (اسان تي رحم فرماءِ) اي سڀ کان وڌيڪ رحم فرمائڻ وارا۔ ته الله پاڪ ان کي اڳئين سال تائين تمام بلائن کان محفوظ رکندو۔ (مرقع ڪليمي، ص۱۹۶)

(3)رزق ۾ بَرَڪت

جيڪو صفر جي مهيني جي آخري اربع جو سورهٔ اَلَمْ نَشْرَح، سورهٔ وَالتِّين، سورهٔ نصر (اِذَاجَآءَ نَصْرُ الله وَالْفَتْح) ۽ سورهٔ اخلاص(قُلْ هوَالله اَحَد) اَسّي اَسّي ڀيرا