Book Name:Faizan-e-Safar-ul-Muzaffar

ان جو ساٿ ڏئي۔ ٭ خوشي جي موقعي تي ان کي مبارَڪ باد ڏئي ۽ ان سان خوشي ۾ شرڪت ظاهر ڪري۔ ٭ ان جي لغزِشن کي در گذر ڪري، ٭ ڇت تان ان جي گھر ۾ نه جھاتي پائي، ٭ ان جي گھر جو رستو تنگ نه ڪري۔ ٭   ٭ ان جي عيبن تي پردو وجھي، ٭ جيڪڏهن اهو ڪنهن حادِثي يا تڪليف جو شڪار هجي ته يڪدم ان جي مدد ڪري۔ ٭ جڏهن هو گھر ۾ موجود نه هجي ته ان جي گھر جي حفاظت کان غفلت نه ڪري۔ ٭ ان جي خلاف ڪا ڳالھ نه ٻڌي ۽ ان جي گھروارن کان نگاهن  کي هيٺ  رکي۔ ٭ ان کي جن ديني يا دُنيوي اُمور جو علم نه هجي ان جي باري ۾ انهن جي رَهنمائي ڪري۔ (اِحياءالعلوم،۲/۲۶۷،ملخصاً)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد 

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب سنتیں اور آداباميرِ اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جا ٻه رسالا ”101 مدني گل“ ۽ ”163 مدني گل هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهو.  

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ايندڙ اجتماع جي بيان جون جھلڪيون

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اِنْ شَآءَ الله! ايندڙ اربع تي سنتن ڀري اِجتماع جو موضوع هوندو: ”اسين ڇو نٿيون بدلجون؟“ جنهن ۾ اسان کي خبر پوندي ته اهي ڪهڙا سبب آهن جيڪي اسان کي الله پاڪ جي عبادت کان غافل ۽ ٻانهن جي حقن جي ادائيگي کان بي پرواھ ڪري ڪوڙ، غيبت، چغلي ، ڌوڪو، دنيا جي محبت ۾ بد مست ۽ آخرت جي تياري کان غافل ڪنديون آهن۔ انهن سبب مان ڪجھ جي باري ۾ ايندڙ اجتماع ۾ ٻڌايو ويندو۔

لهٰذا! آئنده اربع تي به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو  

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد