Book Name:Faizan-e-Safar-ul-Muzaffar

ننڍو ٿيندو آهي ٭ مغرب کان پوءِ دروازي تي نه ويهڻ گھرجي ڇوته مصيبتن جو گذر ٿيندو آهي ٭ زلزلي دؤران جيڪو ڀڄندي زمين تي ڪري پيو اهو گونگو ٿي ويندو ٭ رات جو آئيني ڏسڻ سان منهن تي نشان ٿي پوندا آهن ٭ آڱرين مان ٺڪاءُ ڪڍڻ سان نحوست ٿيندي آهي ٭ سج گرهڻ وقت اُميد واري عورت ڇُري سان ڪا شيء نه ڪٽي نه ته ٻار هٿ يا پير ڪٽيل يا چيريل ڄمندو ٭ نئين ڄاول ٻار جا ڪپڙا ڌوئي نه نپوڙجن نه ته ٻار جي جسم ۾ سور ٿيندو ٭ ڪڏهن نمبرن مان بدفالي مراد وٺندا آهن ٭ مغرب جي اذان وقت سڀئي بلب ٻارڻ گھرجن نه ته مصيبتون نازل ٿينديون آهن۔ ذڪر ڪيل مٿين بدفالين کان علاوه به مختلف معاشرن، قومن، برادرين ۾ مختلف بدفاليون رائج هونديون آهن۔ (بدشگوني،ص۱۶تا۱۸)

الله ڪريم مسلمانن کي بدفالي  جي بُري آفت کان نجات ڏئي ۽ نيڪ فال وٺڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ آمين

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! برڪتن وارو صَفَرُالمُظَفَّراسلامي سال جو ٻيو مهينو آهي، جهڙي طرح ٻين مهينن ۾ ربِّ ڪريم جي فضل ۽ ڪرم جون بارشون ٿينديون آهن، اهڙي طرح هن مهيني ۾ به ٿينديون آهن، بلڪه ان کي ته صَفَرُ المُظَفَّر يعني ڪاميابي جو مهينو چيو ويندو آهي، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه صَفَرُالْمُظَفَّر جي هن مقدس ۽ برڪت واري مهيني ۾ ڪيئي عظيمُ الشّان ۽ تاريخي واقعا ظاهر ٿيا آهن، مثال طور

صفر جي مهيني پيش ايندڙ ڪجھ تاريخي واقعا

٭ صَفَرُالْمُظَفَّر جي مهيني ۾ هجرت جي ٻئي سال اميرُ المؤمنين حضرت علي رَضِىَ اللهُ عَنْه ۽ خاتونِ جنت حضرت فاطمه زهره رَضِىَ اللهُ عَنْها جي شادي خانه آبادي ٿي۔ (الڪامل في التاريخ، ۲/۱۲) ٭صَفَرُالْمُظَفَّر جي مهيني ۾ مسلمانن کي فتحِ خيبر نصيب ٿي۔ (البدايۃ