Book Name:Faizan-e-Safar-ul-Muzaffar

گذاريندو آهن، ٭ جيڪي الله پاڪ تي ڀروسو ڪندا آهن، ان جا ڪم سنورجي ويندا آهن، ٭ جيڪي الله پاڪ تي ڀروسو ڪندا آهن ان جا قدم ڪڏهن به ناهن ٿڙندا، ٭ جيڪي الله پاڪ تي ڀروسو ڪندا آهن ان کي وڏي مشڪل صورت حال ۾ به صبر ڪرڻ اچي ويندو آهي، ٭ جيڪي الله پاڪ تي ڀروسو ڪندا آهن الله ڪريم انهن کان راضي ٿي ويندو آهي، ٭ جيڪي الله پاڪ تي ڀروسو ڪندا آهن ڪاميابي ان جا قدم چُمندي آهي، ٭ جيڪي الله پاڪ تي ڀروسو ڪناد آهن اهي ترقين جون منزلون طئي ڪندا ويندا آهن، ٭ جيڪي الله پاڪ تي ڀروسو ڪندا آهن ته دنيا جي ڪا طاقت انهن جو ڪجھ ناهي بگاڙي سگھندي، ٭ جيڪي الله پاڪ تي ڀروسو ڪندا آهن اهي شيطان جي ڌوڪي کان بچي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن، ٭ جيڪي الله پاڪ تي ڀروسو ڪندا آهن اهي کوڙ ساريون ڀلايون گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن، ٭ جيڪي الله پاڪ تي ڀروسو ڪندا آهن اهي دنيا وارن جي اڳيان جھڪڻ کان بچي ويندا آهن، ٭ جيڪي الله پاڪ تي ڀروسو ڪندا آهن اهي بدفالي جهڙين بُرائين ۾ ڪڏهن به مبتلا ناهن ٿيندا، ٭ جيڪي الله پاڪ تي ڀروسو ڪندا آهن، انهن جي لاءِ غيب کان روزي جو انتظام ٿي ويندو آهي۔ اچو! هن جي باري ۾ هڪ ايمان افروز حڪايت ٻڌون ٿيون،

شيطان منهنجو خادم آهي

 حضرت ايوب حمال رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهکان منقول آهي ته اسان جي علائقي م الله ڪريم جي ذات تي ڀروسو ڪرڻ وارو هڪ نوجوان رهندو هو. اهو عبادت ۽ رياضت ۽ الله ڪريم جي ذات تي ڀروسو ڪرڻ جي معاملي ۾ تمام مشهور هو. ماڻهن کان ڪا شيءِ نه وٺندو هو. جڏهن به کائڻ جي حاجت ٿيندي هيس ته پنهنجي اڳيان پيسن جي ٿيلهي ڏسندو هو. انهيءَ طرح اهو پنهنجا ڏينهن ۽ رات عبادتِ الاهي ۾ گذاريندو ۽ غيب مان ان کي رزق ڏنو ويندو هو. هڪ ڀيري ماڻهن ان کي چيو: ” اي نوجوان! تون سِڪّن جي اها ٿيلهي وٺڻ کان ڊڄ! ٿي سگهي ٿو شيطان توکي ڌوڪو ڏئي رهيو هجي ۽ اها ٿيلهي انهيءَ جي طرفان هجي.“ نوجوان چيو:”