Book Name:Faizan-e-Safar-ul-Muzaffar

ڪندي شهر کان ٻاهر وڃن ۽ قبرن تي نياز وغيره ڏيارين جائز آهي يا نه؟ ته پاڻ ان جو جواب ڏيندي ارشاد فرمايائون: ائين هر گز نه ڪيو وڃي هن ۾ سخت فتنو آهي ۽ چهار شنبه (اربع جو ڏينهن ملهائڻ) محض بي اصل آهي۔ (فتاوي رضويه،۲۲/۲۴۰)

حڪيمُ الاُمت حضرت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: ڪي ماڻهو صفر جي آخري چهار شنبه (اربع جي ڏينهن) جو خوشيون ملهائندا آهن ته مَنحوس مهينو هليو ويو، اهو به باطل (يعني ان جي ڪا حقيقيت نه) آهي۔ (مراٰۃ المناجيح،۶/۲۵۷)

صفر جو مهينو ۽ اسلامي تعليمات

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!  اميد آهي ته بيان ڪيل ڳالهين کي ٻڌي صَفَرُالمُظَفَّر کي منحوس سمجھڻ جو وَهم دل مان نڪري ويو هوندو، جيڪڏهن ڪنهن جي دل ۽ دماغ ۾ ڪڏهن هن طرح جا وسوسا اچن ته ان کي گھرجي ته هو ان ڏانهن ڌيان نه ڏئي بلڪ اسلامي تعليمات تي عمل ڪري۔ صفر جي باري ۾ نحوست جو وَهم ختم ڪرڻ جي لاءِ اها ڳالھ ذهن نشين رهي ته سال جا تمام مهينا الله پاڪ جا بڻايل آهن، انهن مان ڪو ڏينهن يا مهينو هرگز منحوس نه آهي۔ جهڙي طرح ٻين مهينن ۾ صبح ۽ شام رحمتِ الٰهي جون بارشون ٿينديون آهن، اهڙي طرح صفر جي هر گھڙي رحمت ڀري آهي۔ البت جيڪڏهن ڪو هن مهيني ۾ الله پاڪ جي نافرمانين ۾ مشغول رهي ۽ پوءِ ڪنهن مصيبت ۾ گرفتار ٿي وڃي ته اهو ان جي گناهوں جي نحوست ته ٿي سگھي ٿي پر هن مهيني سان ان نحوست جو ڪوئي تعلق نه هوندو۔ جيئن ته

تفسير رُوح البيان ۾ آهي؛ صفر وغيره ڪنهن مهيني يا مخصوص وقت کي منحوس سمجهڻ دُرست ناهي۔ سڀئي وقت الله پاڪ جا ٺاهيل آهن ۽ انهن ۾ انسانن جا عمل واقع ٿيندا آهن۔ جنهن وقت ۾ مؤمن ٻانهو الله پاڪ جي اطاعت ۽ بندگي ۾ مشغول هجي اهو وقت مبارڪ آهي ۽ جنهن وقت ۾ الله