Book Name:Faizan-e-Safar-ul-Muzaffar

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

بَدفالي  مراد وٺڻ منهنجو  وهم هو

هڪ شخص جو بيان آهي ته هڪ ڀيرو مان ايترو ته ڪنگال ٿي ويو هئس جو بک ختم ڪرڻ جي لاءِ مٽي کائڻي پئي پر پوءِ به بک پريشان ڪندي رهي۔ مون سوچيو ته ڪاش! ڪو اهڙو ماڻهو ملي وڃي جيڪو مون کي ماني کارائي۔ تنهنڪري مان اهڙي ماڻهوءَ جي ڳولا ۾ ايران جي شهر”اَهواز“ جي طرف روانو ٿيس حالانڪ اتي منهنجو ڪو به سڃاڻڻ وارو نه هو۔ جڏهن مان درياءِ جي ڪناري تي پهتس ته اتي ڪا ٻيڙي موجود نه هئي، مون ان کي بدفالي سمجھيو۔ پوءِ مون کي هڪ ٻيڙي نظر آئي پر ان ۾ سوراخ هو، اها ٻي بدفالي ٿي۔ مون ٻيڙي جي ملّاح کان نالو پڇيو ته ان ”ديوزاده“ ٻڌايو (جنهن کي عربي ۾ شيطان چيو ويندو آهي) اها ٽين بدفالي ٿي۔ بهرحال مان انهيءَ ٻيڙي ۾ سوار ٿي ويس، جڏهن درياء جي ٻئي ڪناري تي پهتس ته مون آواز لڳايو ته اي بار کڻڻ وارا مزدور! منهنجو سامان کڻي هل، ان وقت مون وٽ هڪ پراڻو لحاف ۽ ڪجھ ضروري سامان هو۔ جنهن مزدور مون کي جواب ڏنو اهو هڪ اک وارو (يعني ڪاڻو) هو، مون چيو؛ اها چوٿين بدفالي آهي۔ مون دل ۾ سوچيو ته هتان واپس موٽي وڃڻ ۾ ئي عافيّت آهي پر پوءِ پنهنجي حاجت کي ياد ڪري واپسي جو ارادو ختم ڪري ڇڏيو۔ جڏهن مان مسافرخاني پهتس ۽ اڃان اهو سوچي ئي رهيو هئس ته ڇا ڪريان، انهيءَ دؤران ڪنهن دروازو کڙڪايو۔ مون پڇيو؛ ڪير؟ ته جواب مليو، مان اوهان سان ئي ملڻ چاهيان ٿو۔ مون پڇيو؛ ڇا تون سڃاڻين ٿو ته مان ڪير آهيان؟ ان چيو؛ هائو۔ مون دل ۾ چيو؛ ”يا ته هي دشمن آهي يا بادشاھ جو قاصد!“ مون ٿوري دير سوچڻ کان پوءِ دروازو کولي ڇڏيو۔ ان شخص چيو؛ مون کي فلاڻي ماڻهو اوهان ڏانهن هي پيغام ڏئي موڪليو آهي ته جيتوڻيڪ منهنجا اوهان سان اختلاف آهن پر اخلاقي حقن جي ادائيگي ضروري آهي، مون اوهان جا حالات ٻڌا آهن، ان لاءِ مون تي لازم آهي ته اوهان