Book Name:Faizan-e-Safar-ul-Muzaffar

جي ضرورتن کي پورو ڪريان، جيڪڏهن اوهان هڪ يا ٻه مهينا هتي رهو ته اوهان جون ضرورتون پوريون ڪيون وينديون، جيڪڏهن اوهان هتان وڃڻ چاهيو ٿا ته هي 30 دينار آهن، اهي پنهنجي ضرورتن ۾ خرچ ڪريو ۽ ڀلي هليا وڃو، اسان اوهان جي مجبوري سمجھؤن ٿا۔

ان شخص جو چوڻ آهي ته ان کان پهريان مان ڪڏهن به 30 دينار جو مالڪ نه ٿيو هُيس ۽ مون کي هي به خبر پئي ته بدفالي جي ڪا حقيقت ناهي۔ (روح البيان، پ۲، البقرۃ، تحت الايۃ۱۸۹،۱/۳۰۴ملخصاً)

حڪيمُ الْاُمَّت حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: اسلام ۾ نيڪ فال وٺڻ جائز آهي، بدفالي وٺڻ حرام آهي۔ (تفسير نعيمي، ۹/۱۱۹)

کریں نہ تنگ خیالاتِ بد کبھی ، کردے                                 شعور و فکر کو پاکیزگی عطا یاربّ

(وَسائلِ بخشش مُرمَّم،ص۷۸)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!  بيان ڪيل حڪايت مان خبر پئي! بدفالي جو حقيقت کان پري پري تائين ڪو تعلق ناهي هوندو۔ اهو شخص سفر جي دوران پنهنجي ذِهن مُطابق بدفالين جو شڪار ٿيو ۽ سوچڻ لڳو ته هاڻي سفر ختم ڪري واپس وڃڻ ۾ ئي عافيت آهي۔ ڇو ته ان جي خيال جي مطابق ايترين سارين بد فالين (يعني بدشگونين) کان پوءِ ان جي حاجت جو پورو ٿيڻ ممڪن نه هو، جڏهن ته سفر ڪرڻ به ضروري هو، تنهنڪري ان سفر ختم نه ڪيو۔ جڏهن هو اتي پهتو ته ان کي ايتري رقم ملي وئي جو ان کان پهريان ان ڪڏهن نه ڏٺي هئي ۽ نه ئي ان کي ان جي توقع هئي۔ پنهنجي حاجت جي هن طرح پورو ٿيڻ کان پوءِ ان اهو ذهن بڻائي ورتو ته بدفالي جي ڪا حقيقت نه آهي۔