Book Name:Faizan-e-Safar-ul-Muzaffar

هن حڪايت مان انهن ماڻهن جي وهم جي مڪمل ڪاٽ ٿي وئي جيڪي ڪنهن انسان، جانور، ڪنهن ڏينهن يا مهيني کي صرف پنهنجي وهم جي بنياد تي منحوس خيال ڪن ٿا جڏهن ته شريعت ۾ ان جي ڪا حقيقت ناهي۔

ياد رکو! جيڪا وهم جي آفت ۾ مبتلا ٿي  ويندي  آهي ته ان کي هر شيءِ منحوس محسوس ٿيڻ لڳندي آهي، ايستائين جو وهم ۾ مبتلا رهن واري ڪم عقلن جي ڳالهين ۾ اچي غلط فيصلو ڪري نه صرف پاڻ آزمائش ۾ مبتلا ٿيندي آهي بلڪ ٻين جي لاءِ به وبالِ جان بڻجي ويندي آهي۔

ڪنهن مسلمان جي مَنحوس هئڻ جو خيال نفرت جي وبال ۾ وجھي سگھي ٿو۔ مَنحوس هئڻ جو وهم شيطان جو اهو هٿيار آهي جيڪو مسلمانن کي هڪٻئي ۾ ويڙهائي، لڙائي، جھيڙو ڪرائي، چين ۽ سڪون جي بردبادي جو سبب بڻجي ويندو آهي۔ اها ڳالھ چڱي طرح ذِهن نشين ڪريو ته ڪنهن شخص، هنڌ، شيء يا وَقت کي منحوس سمجھڻ جو اسلام ۾ ڪو تصوُّر ناهي اهي رڳو وهمي خيال هوندا آهن۔

اعليٰ حضرت، امامِ اهلِسنّت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کان اهڙي قسم جو سوال ڪيو ويو ته هڪ شخص جي باري ۾ هي مشهور آهي ته جيڪڏهن صبح جو ان جي منحوس صورت ڏسي ورتي يا ڪنهن ڪم سان ويندي اهو سامهون اچي ويو ته ضرور ڪجھ نه ڪجھ تڪليف ۽ پريشاني ٿيندي ۽ چاهي ڪيترو ئي يقيني طور تي ڪم ٿيڻ جو اعتماد ۽ ڀروسو هجي پر انهن جو خيال آهي ته ڪا نه ڪا ضرور رڪاوٽ ۽ پريشاني ٿيندي۔ اهڙي طرح انهن ماڻهن کي انهن جي خيال مطابق هر دفعي تجربو ٿيندو رهيو آهي ۽ اهي ماڻهو برابر ان ڳالھ جو خيال رکندا آهن ته جيڪڏهن ڪيڏانهن ويندي اهو سامهون اچي ويو ته واپس پنهنجي گھر موٽي ايندا آهن ۽ ٿوري دير کان پوءِ اهو معلوم ڪندا آهن ته اهو منحوس ڪٿي رستي تي اڃان بيٺو ته نه آهي! پوءِ پنهنجي ڪم لاءِ ويندا