Book Name:Jald Bazi Kay Nuqsanat

بڻجي ويندي آهي، ٭ جلد باز انسان مخلص ماڻهن کان محروم ٿي ويندو آهي، ٭ جلد باز انسان دلين ۾ نفرتن جو ٻج پيدا ڪندو آهي، ٭ جلد باز انسان وڏا وڏا خطرا ڏسي سگھي ٿو، ٭ جلد باز انسان غلط فيصلا ڪندو آهي، ٭ جلد بازي ڪرڻ واري جو مستقبل اونداهه ٿي سگھي ٿو، ٭ جلد باز انسان عملي قدم کڻڻ کان پهريان ان جي سٺن ۽ بُرن پهلوئن تي غور ناهي ڪري سگھندو ۽ ائين اڪثر هو پنهنجو نقصان ڪري ويهندو آهي، ٭ جلد باز انسان چڱائي کي برائي ۽ بُرائي کي چڱائي سمجھڻ لڳندو آهي، ٭ جلد بازي ۾ مُبتَلا شخص هر هڪ تي انڌو اعتماد (trust) ڪري ويهندو آهي، ٭ جلد باز شخص هر ڪنهن تي شرعي حڪم لڳائڻ ۾ جلدي ڪندو آهي، ٭ جلد باز انسان کائڻ پيئڻ جي معاملي ۾ به بي احتياطي سان ڪم وٺندو آهي، ٭ جلد باز شخص پنهنجي تحريڪ، تنظيم ۽ پنهنجي اداري کي نقصان پهچائيندو آهي، ٭ جلد باز انسان جو مثال ان شخص جيان آهي ”جيڪو ٻڌي  ته سڀني جي پر ڪري مَن جي“، ٭ جلد باز شخص پنهنجو حق وٺڻ جي چڪر ۾ ٻين جا حق ضايع ڪندو آهي، ٭ جلد باز انسان جلدي ڌوڪو کائي ويندو آهي، ٭ جلد باز شخص مسلمانن کي تڪليفون ڏيڻ جو به سبب بڻجندو آهي، ٭ جلد باز جي مَذَمَّت قرآنِ ڪريم ۾ به بيان ڪئي وئي آهي، جيئن

سيپاري 15 سوره بني اسرائيل جي آيت نمبر11 ۾ ارشادِ ربّاني آهي:

وَ یَدْعُ الْاِنْسَانُ بِالشَّرِّ دُعَآءَهٗ بِالْخَیْرِؕ-وَ كَانَ الْاِنْسَانُ عَجُوْلًا(۱۱) (پ۱۵،بني اسرائيل:۱۱)

ترجمو ڪنزالايمان: ۽ انسان برائي جي دعا ڪندو آهي جيئن ڀلائي گهرندو آهي ۽ انسان ڏاڍو جلدباز آهي.

جلد بازي جي مَذَمَّت

          بيان ڪيل آيت سڳوري تحت تفسير صراط الجنان ۾ آهي: هن آيت جي آخر ۾ فرمايو ويو ته انسان وڏو جلد باز آهي۔ ان کي سامهون رکندي ڏٺو وڃي ته اسان جي معاشري ۾ ماڻهن جي هڪ تعداد اهڙي نظر ايندي آهي جيڪي ديني ۽ دنياوي ٻنهي طرح جي ڪمن ۾ جلد بازي کان ڪم وٺندا آهن، جيئن وضو ڪرڻ ۾، نماز ادا ڪرڻ ۾، تلاوتِ قرآن ڪرڻ ۾، روزو افطار ڪرڻ ۾، تراويح ادا ڪرڻ ۾، قرباني ڪرڻ ۾، ذبح کان بعد جانور جي کل لاهڻ ۾، ارڪانِ حج ادا ڪرڻ ۾، دعا جي قبوليت ۾، بد دعا ڪرڻ ۾، ڪنهن کي