Book Name:Jald Bazi Kay Nuqsanat

کارايو ٭ ڪنهن جي اِصلاح ڪرڻ ۾ دير نه ڪريو ٭ جنازو حاضر هجي ته جنازي جي نماز ادا ڪرڻ ۾ دير نه ڪريو ٭ حق ضايع ڪرڻ جي معافي گھرڻ ۾ جلدي ڪريو ٭ ثوابِ جاريه ڪمائڻ ۾ جلدي ڪريو۔

کچھ نیکیاں کمالے جلد آخِرت بنالے

کوئی نہیں بھروسا اے بھائی! زِندَگی کا

                             (وسائلِ بخشش مرمَّم،ص۱۷۸)

 مجلس”آئي ٽي“

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي ماڻهن جي دلين ۾ عشقِ مصطفي ۽ محبتِ اولياء اجاگر ڪرڻ ۽ سڄي دُنيا ۾ اِسلام جي دعوت پهچائڻ جي لاءِ 107 کان وڌيڪ شُعبن ۾ دِينِ اسلام جو پيغام عام ڪري رهي آهي، انهن شعبن مان هڪ شُعبو بنام’’مجلسِ آئي ٽي“ به آهي جنهن جو ڪم انفارميشن ٽيڪنالوجي جي ذريعي سڄي دُنيا جي ماڻهن کي اِسلام جا بهترين مدني گل پيش ڪرڻ آهي، ’’مجلسِ آئي ٽي“ جي نمايان ڪمن مان اَعليٰ حضرت رَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه جي فتاويٰ رضويه شريف ۽ شهره آفاق ترجمه قرآن ڪنزالايمان کي سافٽ وئير جي شڪل ۾ پيش ڪرڻ به آهي جيڪو ساراھ جي  لائق  ڪم آهي، مجلسِ توقيت جي تعاون سان هڪ اهڙو سافٽ وئير به متعارف ڪرايو ويو آهي جيڪو ڪمپيوٽر ۽ موبائل وغيره تي ڪم و بيش 27 لک مقامن جي نمازن جي دُرست اوقات جي نشاندهي ۾ وڏو فائديمند آهي.

المدينه لائبريري سوفٽ ويئر جي ذريعي ڪثير ڪتابن جو آساني سان مطالعو ڪري سگھجي ٿو۔ اَلْحَمْدُلِلّٰه! مجلسِ آئي ٽي جي تيار ڪيل اهي تمام سافٽ ويئرز مڪتبةُ المدينه تان حاصِل ڪري سگھجن ٿا۔

هاڻي تائين ڪم و بيش 26 مختلف ايپلي ڪيشنز (Applications) لاؤنچ (Lounch) ٿي چڪيون آهن۔ الله پاڪ اسان کي دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي دينِ متين جي خوب خدمت ڪرڻ، نيڪي جي ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺڻ، مدني انعامات تي عمل ڪرڻ ۽ ٻين اسلامي ڀائرن کي به هن