Book Name:Jald Bazi Kay Nuqsanat

سان ملاقات جو شرف به حاصل ٿيو، پاڻ دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه قفلِ مدينه لڳائڻ (يعني زبان کي فضول ڳالهائڻ کان بچائڻ، نگاهن کي فضول ڏسڻ کان بچائڻ وغيره)، باعمل بڻجڻ ۽ نمازِ تهجد پابندي سان پڙھڻ جي ترغيب ڏني جنهن کي ٻڌي ان ۾ نيڪ بڻجڻ جو جذبو پيدا ٿيو، ان اڳوڻي گناهن ڀري زندگي کان توبه ڪئي ۽ سُنّتن جي سائي ۾ زندگي گذارڻ شروع ڪئي۔ نمازن جو پابند ٿي ويو، هفتيوار اجتماع ۾ پابندي سان شرڪت ڪرڻ لڳو ۽ حُليو به سنت جي مطابق ڪري ورتائين۔ مدني بهار بيان ڪرڻ وقت نگرانِ حلقه مشاورت جي حيثيت سان دين جي خدمت جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي۔

اے بیمارِ عِصیاں تُو آجا یہاں پر

گنہگارو آؤ! سِیَہ کارو آؤ!

پِلا کر مَئے عشق دیگا بنا یہ                        گُناہوں کی دیگا دَوا مَدَنی ماحول

گناہوں کو دیگا چُھڑا مَدَنی ماحول

تمہیں عاشقِ مُصْطَفٰے مَدَنی ماحول

(وسائل بخشش مرمَّم،ص۶۴۸)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمّد

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جلد بازي جي نقصانن جي باري ۾ ٻڌي رهيا هئاسين۔ ياد رکو! جلد بازي توڙي جو شيطاني ڪم آهي پر ڪجھ ڪم اهڙا به آهن جن ۾ جلدي ڪرڻ ضروري ۽ شريعت کي پسند آهي ۽ انهن کي ڪرڻ ۾ دير نه ڪرڻ گھرجي، پر جلدي جو مطلب اهو آهي ته انهن کي انجام ڏيڻ جي لاءِ جلد قدم وڌايو، نه اهو ته انهن ڪمن کي جلدي جلدي ڪرڻ جي ڪوشِش ۾ بگاڙي ڇڏي يا اڌورو (Incomplete) ڇڏي ڏي۔ خيال رهي ته هر ڪم ۾ تاخير ۽ احتياط سان ڪم ڪري پر اُخروي ڪمن ۾ جلدي ڪرڻ بهتر آهي ڇوته موت جي خبر ناهي۔ (مرآة المناجيح،٦/٦٢٤)

آخِرت وارن ڪمن ۾ جلدي ڪرڻ گھرجي

حديث پاڪ ۾ آهي: اِطمينان هر شيء ۾ هجي، سواءِ آخِرت جي ڪم جي۔

(ابوداود،ڪتاب الادب،باب في الرفق،۴/۳۳۵،حديث:۴۸۱۰)