Book Name:Jald Bazi Kay Nuqsanat

طرح سلام جو جواب ڏيڻ ۾ سستي ڪئي ويندي آهي، اهو سڀ خلافِ سُنّت آهي۔ ڪن ماڻهن جي بيباڪي جو اهو عالَم  هوندو آهي جو هو ملاقات جي وَقت سلام ڪرڻ بدران مَعاذالله گار سان گفتگو جو آغاز ڪندا آهن، جيئن ته اعليٰ حضرت امام احمد رضا رَحْمَةُ اللهِ عَليۡه ارشاد فرمائن ٿا: مون پاڻ پنهنجي اکين سان ڏٺو ۽ ڪنن سان (ماڻهن کي) سلام جي بدران گار ڏيندي ٻڌو آهي۔ (ملفوظاتِ اعليٰ حضرت،ص۴۵۰) اي ڪاش! هر مسلمان سلام جي اهميت کي سمجھي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر اها سُنّت عام ٿي وڃي۔ سلام جي عظيم سنت بابت مزيد معلومات جي لاءِ امير اهلسنت جو رسالو 101 مدني گل ۽ مڪتبة المدينه جو ڪتاب”سنتون ۽ آداب“ جو مطالعو فرمايو۔

 (2) ٻيو نڪتو اهو مليو ته جيڪڏهن ڪو اسان کي اسان جي عيبن کان آگاھ ڪري، اسان جي ڪا ڪمزوري بيان ڪري، اسان جي اصلاح ڪري ته اسان کي غصّي ۾ اچڻ ۽ پنهنجي ضد ڪرڻ جي بدران پنهنجي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي، افسوس! حالات تمام گھڻا نازڪ ٿيندا پيا وڃن، جيڪڏهن ڪو ڪنهن کي ان جا عيب ٻڌائي يا نصيحت ڪري ته ان ويچاري جي شامت اچي ويندي آهي، ان تي طعنن مهڻن جا تير وسايا ويندا آهن، مثال طور چوندا آهن   اڃان اٺ ڏينهن ناهن ٿيا، آيو آهي وڏو نصيحت ڪندڙ، چار ڪتاب ڇا پڙھي ورتا پنهنجو پاڻ کي خبر ناهي ڇا سمجھي ٿو، پهريان پنهنجو پاڻ کي ته نيڪ بڻائي وٺ پوءِ اسان کي چئجان، بس بس اسان کي سڀ خبر آهي اسان کي نه سمجھائيندو ڪر، هل هل پنهنجو ڪم ڪر. وغيره۔

ناصِحا! مت کر نصیحت دل مِرا گھبرائے ہے

اُس کو دشمن جانتا ہوں جو مجھے سمجھائے ہے

 

مختصر وضاحت:

تنهنڪري جيڪڏهن ڪو مسلمان اسان کي اسان جا عيب ٻڌائي، اسان کي نصيحت ڪري ۽ سٺي نِيت سان اسان جي اصلاح ڪري ته اسان ان کي پنهنجو دشمن (Enemy) نه بلڪ پنهنجو محسن سمجھندي ان جو شڪريو ادا ڪريون، اچو! هن باري ۾ الله وارن جو طرزِ عمل ملاحظه ڪريو، جيئن

اميرالمؤمنين حضرت سيدنا فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: مون کي اهو شخص محبوب (يعني پيارو) آهي جيڪو منهنجي عيبن کان مون کي آگاھ