Book Name:Jald Bazi Kay Nuqsanat

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمّد

افسوس! قرآني احڪامن ۽ تعليماتِ مصطفوي کان دوري جي ڪري اڄ معاشري جو هڪ وڏو طبقو جلد بازي جي ان بُري آفت ۾ مُبتَلا نظر ايندو آهي ۽ بعد ۾ پڇتائيندو آهي۔ اچو! جلد بازي جي ڪجھ وڌيڪ نقصانن جي باري ۾ ٻڌون ٿا ته جيئن جيڪڏهن اسان ۾ ڪو هن بُري آفت ۾ مُبتَلا هجي ته ان کي پنهنجو احتساب ڪرڻ جو موقعو (Chance) ملي سگھي:

جلدبازي جا نقصان

ياد رکو! ٭ جلد بازي الله پاڪ کي ناپسند آهي، ٭ جلد بازي شيطان جي طرفان ٿيندي آهي، ٭ جلد بازي سان ٺهيل ڪم به بگڙجي ويندا آهن، ٭ جلد بازي ناڪامين جو ڪارڻ آهي، ٭ جلد بازي پڇتاوي جو سبب ٿيندي آهي، ٭ جلد بازي سان عزت ۽ وقار ٻئي خراب ٿيندا آهن، ٭ جلد بازي جي ڪري بار بار معافي گھرڻي پوندي آهي، ٭ جلد بازي ترقي جي راھ ۾ رُڪاوٽ بڻجي ويندي آهي، ٭ جلد بازي ٻين جي نظر ۾ شرمندو ڪرائيندي آهي، ٭ جلد بازي مالدار کي ڪنگال ڪرائيندي آهي، ٭ جلد بازي ڪرڻ سان انسان پنهنجي حق کان به محروم ٿي ويندو آهي، ٭ جلد بازي ڪڏهن ڪڏهن هٿ پير ٽوڙائيندي آهي، ٭ جلد بازي انسان کي اسپتال جي بستر تائين پهچائيندي آهي، ٭ جلدبازي انسان کي موت جي منهن ۾ کڻي ويندي آهي، ٭ جلد بازي انسان کي قبر جي کڏ تائين پهچائيندي آهي، ٭ جلد بازي جي ڪري نمازون ۽ ٻيون عبادتون مثال طور نماز، روزو، حج ۽ قرباني وغيره ضايع ٿي سگھن ٿيون، ٭ جلد بازي ڪرڻ سان رشتا ٽُٽي پوندا آهن، ٭ جلد بازي ٻين جو نقصان ڪرائيندي آهي، ٭ جلد بازي جي سبب هڪ ئي ڪم کي بار بار ڪرڻو پوندو آهي جنهن جي ڪري ٻيا ڪم به تاخير جو شڪار ٿيندا ۽ وقت به ضايع ٿيندو آهي، ٭ جلد بازي ڪرڻ جي ڪري ٻين جو اعتماد کڄي ويندو آهي، ٭ جلد بازي جي ڪري گھربل مقصد ۽ هدف حاصل ناهن ٿي سگھندا، ٭ جلد بازي ۾ ڪو ڪتاب يا رسالو پڙھڻ ڪڏهن فائدو ناهي ڏيندو ۽ ان جو مضمون ذهن ۾ نقش به ناهي ٿيندو، ٭ جلد بازي جي ڪري تحرير، بيان ۽ گفتگو بي اثر ۽ بي جان ٿي ويندي آهي، ٭ جلد بازي جي ڪري زال مڙس جو مقدَّس رشتو ٽٽي پوندو آهي، ٭ جلد بازي اڪثر تنظيمي معاملن جي لاءِ به نقصان جو سبب