Book Name:Jald Bazi Kay Nuqsanat

ڪريم جو ذِڪر ڪندا آهن، پوءِ جڏهن اهي فارغ ٿيندا آهن ته انهن کي چيو ويندو آهي ته بيهي رهو، بيشڪ توهان جي گُناهن کي بخشيو ويو آهي ۽ توهان جي بُرائين کي نيڪين سان بدليو ويو آهي۔ (شعب الايمان،باب في محبۃ الله،۱ /۴۵۴، حديث:۶۹۵) ٭ ”هفتيوار اجتماع“ تلاوتِ قرآن، نعتِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ، سُنَّتن ڀري بيان، رِقَّت اَنگيز دُعا، ذِڪر ودُرُود جي مدني گلن ۽ عِلمِ دين جي گُلدستن سان سينگاريل هوندو آهي۔

12مدني ڪمن مان هفتيوار هن مدني ڪم ”هفتيوار اِجتماع“ جي تفصيلي معلومات جي لاءِ مڪتبة المدينه جي رِسالي ”هفتيوار اِجتماع“ جو مطالعو ڪريو، تمام ذِميدارانِ دعوتِ اسلامي، خاص ڪري هفتيوار اجتماع جي مجلسن جا نگران ۽ اراڪين ته هن رِسالي جو لازمي مطالعو فرمائن۔ اهو رِسالو مڪتبة المدينه تي دَستياب هئڻ سان گڏوگڏ دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان به پڙهي سگھجي ٿو۔

هن رِسالي جي مطالعي جي برڪت سان اوهان کي خبر پوندي۔ ٭ اِجتماعن جي اهميت ٭ دعوتِ اسلامي ۽ اِجتماعن جو اِهتمام ٭ هفتيوار اِجتماع ڇا آهي؟ ٭ اجتماع جو مڪمل جدول ٭ اجتماع ۾ شرڪت ڪرڻ جون 13 فضيلتون ۽ برڪتون ٭ هفتيواراِجتماع بابت مرڪزي مجلسِ شوريٰ جي مدني مشورن جا مدني گل ٭ خيرخواه جا 19 مدني گل ٭ هفتيوار اجتماع بابت اِحتياط ۽ مُفيد معلومات تي مشتمل سوال جواب ٭ هفتيوار اجتماع جون شرعي ۽ تنظيمي اِحتياطون وغيره۔

اچو! ترغيب لاءِ ”هفتيوار اجتماع“ ۾ شرڪت ڪرڻ واري هڪ عاشقِ رسول جي مَدَني بهار ٻُڌون ٿا،

فلمن، ڊرامن جو شوقين نمازي بڻجي ويو

چَڪ 66 دَھاندره فيصل آباد جي هڪ اسلامي ڀاءُ هڪ ڀيري فيصل آباد جي هفتيوار سُنّتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت جي سعادت حاصل ڪئي. اجتماع ۾ جانشينِ اميرِ اهلسنّت حضرت مولانا عبيد رضا عطاري مدني دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه  سنّتن ڀريو بيان فرمايو۔ بيان ٻڌي اهو اسلامي ڀاءُ خوفِ خدا سان روئڻ لڳو ۽ لڙڪن جي صورت ۾ دل جو مير نڪرڻ لڳو۔ اجتماع کان پوءِ جانشينِ اميرِ اهلسنّت