Book Name:Jald Bazi Kay Nuqsanat

ناهي هوندي، بلڪ هي ڪورس ڪرڻ وارن کي رهائش به ڏني ويندي آهي، کارايو پياريو ويندو آهي، هن ڪورس ۾ داخلا جي لاءِ مقامي ذميدارن سان معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي.

عاشقانِ رسول جي لاءِ خوشخبري آهي ته! عالمي مدني مرڪز فيضانِ مدينه ڪراچي ۾ هر انگريزي مهيني جي پهرين(1) تاريخ، 11 تاريخ ۽ 21 تاريخ تي صرف 7 ڏينهن جو ”فيضانِ نماز ڪورس“ ٿيندو آهي جنهن کي جتي آساني ٿئي، هي ڪورس ڪرڻ جي سعادت ماڻڻ گهرجي.

فيضانِ نماز ڪورس جي متعلق وڌيڪ معلومات جي لاءِ هن نمبر تي رابطو ڪري سگهجي ٿو. 0311-1021226

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                    صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمّد

بُري خاتمي جي وعيد

حضرت حُذَيفه بن يمان رَضِىَ اللهُ عَنْه جن هڪ شخص کي ڏٺو جيڪو نماز پڙهندي رڪوع ۽ سجدا پورا ادا نه ڪري رهيو هو. ان کي فرمايائون: تو جيڪا نماز پڙهي جيڪڏهن ان حالت ۾ انتقال ڪري وئين ته حضرتِ سَيّدُنا محمدِ مُصطَفٰي (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) جي طريقي تي تنهنجو موت واقع نه ٿيندو. (بخاري،ڪتاب الاذان،باب اذا لم يتم السجود،۱/۲۸۴،حديث:۸۰۸) نسائي شريف جي روايت ۾ اهو به آهي ته پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه جن پڇيو: تون ڪڏهن کان اهڙي طرح نماز پڙهي رهيو آهين؟ ان چيو: چاليھ (40) سالن کان. ته حضرت حُذَيفه بن يمان رَضِىَ اللهُ عَنْه ان کي فرمايائون: تو چاليھ (40) سالن کان بلڪل نماز ئي نه پڙهي آهي ۽ جيڪڏهن انهيءَ حالت ۾ توکي موت اچي ويو ته دينِ محمدي تي نه مرندين. (نسائي ،ڪتاب السھو،باب تطفيف الصلاة،ص ۲۲۵حديث:۱۳۰۹)

مسلماں ہے عطار تیری عطا سے                   ہو ایمان پر خاتمہ یاالٰہی

                                                                          (وسائلِ بخشش مرمَّم،ص۱۰۵)

نماز بابت ضروري احڪام ڄاڻڻ ۽ سکڻ جي لاءِ امير اهلسنت جي ڪتاب ”نماز جا احڪام“ جو مطالعو فرمايو۔