Book Name:Jald Bazi Kay Nuqsanat

سنت جي فضيلت ۽ پاڙيسري جي باري ۾ ڪي نڪتا

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.

(مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵)

ان کی سنَّت کا جو آئنہ دار ہے                                              بس وُہی تَو جہاں میں سمجھدار ہے

                                                                                         (وسائلِ بخشش مرمَّم،ص۴۷۲)

پاڙيسري جي باري ۾ نڪات!

اچو! شيخِ طريقت، اميرِ اهلسُنَّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي ”قيامت جو امتحان“ مان پاڙيسري جي باري ۾ ڪجھ نڪات ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا، اچو! پهريان ٻه فرمانِ مصطفي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪريو: (1) فرمايائون: الله پاڪ جي ويجھو بهترين پاڙيسري اهو آهي جيڪو پنهنجي پاڙيسري جو خير خواه هجي۔ (تِرمِذي، ڪتاب البر ولصلۃ ،باب ما جاء في حق الجوار،۳/۳۷۹، حديث: ۱۹۵۱)(2) فرمايائون: جنهن پنهنجي پاڙيسري کي اِيذايو ان مون کي اِيذايو ۽ جنهن مون کي اِيذايو ان الله پاڪ کي اِيذايو۔ (الترغِيب والترهيب،۳/۲۸۶، حديث:۳۹۰۷ ) ٭ ”نُزهةُ القاري“ ۾ آهي: پاڙيسري ڪير آهي ان کي هر شخص پنهنجي عُرف ۽ معاملي سان سمجھي سگھي ٿو۔ (نزهۃ القاري،۵/۵۶۸) ٭ امام محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: پاڙيسري جي حقن مان اهو به آهي ته ان کي سلام ڪرڻ ۾ اڳرائي ڪري. ٭ ان کان ڊگھي گفتگو نه ڪري، ٭ ان جي حالات جي باري ۾ وڌيڪ پڇا ڳاڇا نه ڪري. ٭ هو بيمار هجي ته ان جي عيادت ڪري، ٭ مصيبت جي وَقت ان جي غم خواري ڪري ۽ ان جو ساٿ ڏئي. ٭ خوشي جي موقعي تي ان کي مبارَڪ باد ڏئي ۽ ان جي خوشي ۾ شرڪت ڪري۔ ٭ ان جي غلطين کي در گذر ڪري، ٭ ڇت تان ان جي گھر ۾ نه نِهاري، ٭ ان جي گھر جو رستو تنگ نه ڪري۔ ٭ هو پنهنجي گھر ۾ جيڪو ڪجھ وٺي وڃي رهيو آهي ان کي ڏسڻ جي ڪوشش نه ڪري۔ ٭ ان جي عيبن تي پردو وجھي، ٭ جيڪڏهن اهو ڪنهن حادِثي يا تڪليف جو